نيپرا ڪراچي واسين تي وڄ ڪيرائي ڇڏي، بجلي جي اگهن ۾ هڪ رپيو 72 پئسا واڌ جي منظوري

اسلام آباد (م ڊ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) ڪراچي ۾ واهپيدارن لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي آهي. نيپرا ڪراچي لاءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي حڪومتي درخواست منظور ڪندي بجلي جي قيمت ۾ هڪ رپيو 72 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي نيپرا اها منظوري گذريل مالي سال جي ٻئي ۽ ٽئين ٽي ماهي جي ايڊجسٽمينٽ جي حوالي سان ڏني آهي، جنهن موجب جنوري کان مارچ 2023ع جي ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ هڪ رپيو 25 پئسا في يونٽ جڏهن ته ٽي ماهي ايڊجسٽمينٽ ۾ آڪٽوبر کان ڊسمبر 2022 تائين، اهو47 پئسا في يونٽ آهي، اضافي جي منظوري ڏني وئي آهي.نيپرا جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته واڌ جي منظوري سڄي ملڪ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ هڪجهڙائي برقرار رکڻ لاءِ ڏني وئي جڏهن ته بجلي صارفين کان وصولي جنوري، فيبروري ۽ مارچ 2024 ۾ ڪئي وڃي. نيپرا فيصلو نوٽيفڪيشن لاءِ وفاقي حڪومت کي موڪلي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.