پورٽ قاسم ويجهو آغا اسٽيل مل ۾ باهه، 2 پورهيت سڙي فوت

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) بن قاسم ٿاڻي جي حد پورٽ قاسم ويجهو آغا اسٽيل مل باهه جي نتيجي ۾ 2 پورهيت سڙي فوت، هڪ زخمي  ٿي پيو، پورٽ قاسم ويجهو قائم آغا اسٽيل مل ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 2 پورهيت سڙي فوت ٿي ويا هڪ زخمي ٿي پيو، سڙي فوت ٿيل پورهيتن جي سڃاڻپ سانگهڙ واسي جميل لغاري ۽ عابد طور ٿي. جڏهن ته زخمي پورهيت جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي، باهه سبب شهر جي مختلف علائقن مان فائر برگيڊ کي طلب ڪيو ويو پنجن ڪلاڪن جي ڪوششن بعد باهه تي ضابطو آندو ويو، واقعي بابت پورهيتن موجب واقعو ملندڙ ٽرانسفارمر ڦاٽڻ بعد فرنس آئل کي باهه لڳي وئي جنهن بعد بوائلر ڦاٽڻ بعد ٻيو ڌماڪو ٿيو، پورهيت موجب شڪ آهي ته فوتين ۽ زخمين جو انگ وڌيڪ هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.