آر آر جي شاپنگ مال باهه واقعو، انتظاميا ۽ اڏاوتي ادارو ذميوار قرار

ڪراچي (رپورٽر) آر آر جي شاپنگ مال باھ واقعي جو عبوري چالان جمع، مال انتظاميه ۽ اڏاوتي ادارو ذميوار قرار، ڪي اليڪٽرڪ سميت ٻين ادارن کي  جاچ ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش،  اوڀر جي عدالت ۾  جاچ آفيسر آر آر جي شاپنگ مال جي باھ واقعي بابت عبوري چالان جمع ڪرايو ويو، چالان ۾ انتظاميا ۽ تعميرات ۾ ملوث ادارن کي ذميوار قرار ڏيندي اھو ڄاڻايو ويو آھي ته ڏسڻو اھو آھي ته نقشو ڪنھن پاس ڪيو آھي، جڏھن ته ڪي اليڪٽرڪ جي ٻين ڪمپنين خلاف قتل جي الزام هيٺ جاچ ڪئي وڃي، مال انتظاميا جي لاپرواهي  سبب 11 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا، چالان ۾ چيو ويو آھي ته فائر فائٽر آفيسر جي رپورٽ مان ثابت ٿيو ته مال ۾ ايمرجنسي دروازا يا حفاظتي سامان موجود نه هئا, فوڊ ڪورٽ جي ٻي منزل  کي باهه لڳي، فوڊ ڪورٽ جو مالڪ رفيق جاپان واري جو ڀا% حنيف جاپان وارو آھي، جيڪو پھرين ڏينھن کان فرار آھي، باهه شارٽ سرڪٽ سبب لڳي، جڏھن ته فارينزڪ رپورٽ اڃان تائين ناھي ملي سگھي، چالان موجب مفرور جوابدارن ۾ عارف ڌھوني ۽ حنيف جاپان والا  فرار آھن، مال کي بغير اجازت اڏاوت تي جون مھيني ۾ ڏنڊ به لاڳو ٿي چڪو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.