رتوديرو (عوامي آواز نيوز) بنگل ديرو ۾ شادي تقريب دروان فائرنگ، مئٽرڪ جو شاگرد قتل ٿي ويو، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو، بنگل ديرو ۾ شادي تقريب دروان فائرنگ ۾ مئٽرڪ جو شاگرد قتل ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي پڻ ٿي پيو، لاشاري ٿاڻي جي حد ۾ گولي لڳڻ سبب 16 ورهين جو عبدالهادي ڀٽو مارجي ويو، غلام شبير ڀٽو زخمي ٿي پيو، زخمي کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، مقتول شاگرد جي والد موجب پاڙي ۾ شادي جو پروگرام هو،فائرنگ دوران گولي پٽ کي لڳي، ٿڏي تي قتل ٿي ويو، معاملي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي.