ملڪي تاريخ جي بدترين پري پول ڌانڌلي جاري آهي: لطيف کوسو

لاهور(م ڊ) تازو ئي تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيندڙ وڪيل لطيف کوسي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم کي چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻايو ويندو،نوازشريف کي وزيراعظم بڻائڻو آهي ته ان لاءِ آئين ۾ ترميم به ڪرڻي پوندي، سردار لطيف کوسي چيو ته نوازشريف جي بائيو ميٽرڪ ايئرپورٽ تي ڪئي وئي، منهنجي ناٺي جي پروپوزل ۽ حامي کي گرفتار ڪيو ويو، اسان جي سفير لنڊن ۾ مفرور کي الوداع ڪيو.سندس چوڻ هو ته ”دنيا ڏسي رهي آهي ته هيٿرو ايئرپورٽ تي هڪ ڏوهاري کي سفير الوداع ڪيو،، نواز شريف کي 62 ون ايف تحت نااهل ڪيو ويو.هن چيو ته اڳوڻي وزيراعظم کي هاءِ ڪورٽ مان گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻايو ويو آهي، فيصلو ڪيو ويو آهي ته اڳوڻو وزيراعظم چوٿون ڀيرو وزيراعظم بڻجندو، پي ٽي آءِ جا اميدوار کنڀيا پيا وڃن، بيٽ جو نشان وٺندڙ خوش نه ٿين،سڀاڻي شينهن ۽ تير جو نشان به کسجي سگهي ٿو،جمهوريت سان ڪيستائين راند کيڏندا، بدترين ڌانڌلي سان ملڪ ٻڏي ويندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.