ميمڻ برادري جا ماڻهو ننڌڻڪا نه آهن:شرجيل ميمڻ

ٽنڊو ڄام(پ ر) اڳوڻو صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ ميمڻ اتحاد جو سربراهه چونڊجي ويو ، اهڙو فيصلو اڄ راول هائوس راهوڪي ۾  سنڌ ميمڻ اتحاد جي ڪنوينشن ۾ ميمڻ برادري جي معززن پاران ڪيو ويو، جنهن بعد سنڌ ميمڻ اتحاد جي مرڪزي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ سنڌ ميمڻ اتحاد جي چيئرمن شرجيل انعام ميمڻ  چيو ته  ميمڻ برادري جا ماڻهو ننڌڻڪا نه آهن، ڇاڪاڻ ته هاڻي سنڌ ميمڻ اتحاد جو قيام ٿي چڪو آهي  ۽ الله جي مدد سان ڪنهن به ميمڻ سان هاڻي زيادتي يا ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين ۽ ميمڻ برادري جي حقن جي حاصلات لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي ويندي، ميمڻن جا ڌڻي سائين آهن، منهنجي ڪوشش هوندي ته وڌ کان وڌ ماڻهن جي خدمت ڪريون، ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي ميمڻ برادري پڙهيل لکيل برادري آهي، ھن وڌيڪ چيو ته  ملڪ ۾ ميمڻن جون مختلف ڪميونٽيون آهن پر اسان ورهايل جام آهيون،  فلاحي ڪمن لاءِ  ٿوري محنت ڪجي ته ڪم ٿي سگهن ٿا، هن چيو ته جنهن وقت مون وٽ ميمڻ ڪميونٽي جا ماڻهو آيا انهن چيو ته اوهان ميمڻ تنظيم جا سربراهه ٿيو پر مون انهن کان معذرت ڪئي پر هنن بار بار چيو، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مان چوان ٿو ته ننڌڻڪو ڪير نه ٿئي، ڪجهه دوستن سان ڳالهه ٿي متفق ٿياسين، اڄ هتي ڪراچي جي ميمڻ پاڙي جا ماڻهو به موجود آهي، ان ٿوري ڪوشش ۾ ٽي وڏيون ميمڻ ڪميونٽيون هڪڙي پليٽ فارم تي گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ متحد آهن، هن چيو ته حڪومت مسئلا حل ڪري به ٿي پر سڀ مسئلا حڪومتن جي مٿان نه مڙهيا وڃن، اسان تي فرض آهي ته ميمڻ ڪميونٽي جي ٻارن کي هنر سيکارجي، هن چيو ته اسان پنهنجو رول ڪيئن پيدا ڪريون، اسان هاڻي هنري سکيا جا مرڪز سڄي سنڌ جي اندر کولڻ وڃي رهيا آهيون ته جيئن اتي رهندڙ نوجوان پنهنجو ڪاروبار پاڻ ڳولي سگهن، هن چيو ته حڪومت سنڌ سان ميمڻ اتحاد پاران پبلڪ پارٽنر جي تحت ڪم ڪري سگهون ٿا، هن چيو ته مان هتي ستن سالن کان  پنهنجي والد جي نالي سان ايمبولينس سروس هلايان پيو، ڪالهه مون دوستن کي ٻڌايو ته حڪومت سنڌ جي تعاون سان هتي 14 هزار گهر ٺهي رهيا آهن، هي غير سياسي جماعت آهي پر حڪومتن سان گڏجي اسان هن ملڪ جي خدمت ڪري سگهون ٿا، شرجيل انعام ميمڻ چيو ته منهنجو سياسي تعلق پيپلز پارٽي سان آهي، آخري دم تائين ان سان تعلق رهندو، ميمڻ شريف ضرور آهن پر مسڪين ۽ يتيم نه آهن، ڪڏهن به ڪنهن سان نه زيادتي ڪبي نه ئي ڪرڻ ڏينداسين، ميمڻن جا ڌڻي سائين آهن، هاڻي ميمڻ جي پٺ مضبوط آهي، هن چيو ته منهنجي ڪوشش هوندي ته وڌ کان وڌ ماڻهن جي خدمت ڪريون، اسان هن ملڪ ۽ صوبي سان گڏ پنهنجي ٻچن جي لاءِ ڪجهه ڪري وڃون، هن چيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت سڄي سنڌ جي ميمڻ برادري جيڪا پڙهيل لکيل برادري آهي، ڇهن مهينن جي اندر اوهان کي واضع فرق ايندو، هرشي ۾ الله سائين ايتري طاقت ڏني آهي ته جيئن گڏجي ڪري خدمت ڪري سگهون ٿا.ڪنونشن ۾ حاجي نثار ميمڻ سپريم ڪائونسل شرجيل کاناڻي قمر زمان ڏيپلائي  کي سپريم ڪائونسل جڏھن ته سجاد امداد ميمڻ،  جگنو سردار اياز ميمڻ ،اسلم ميمڻ،  نياز ميمڻ ، اوڪاش ميمڻ ۽ اسد گهانگرا ۽ ٻين کي سينٽرل آرگنائيزنگ ڪميٽي جو ميمبر مقرر ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.