ٽينٽ سٽي واري ٻار جو قتل ڪيس ڪنھن تي داخل ڪجي ؟

جيڪڏھن قانون تي عمل ٿيندو ھجي تھ ان قتل ٿيل ٻارڙي جو قتل ڪيس وقت جي حڪومت خلاف داخل ٿيڻ گھرجي ۽ ان موجب جوابدارن کي سزا  ملي تڏھن ئي انصاف جي تقاضا پوري ٿيندي.پر ٻين ڪيسن جيان شايد ھن کي  بھ قانون جي مونجھارن ۾ منجھائي ان کي لئه مٽيءَ ڪيو وڃي.ان بابت ڪو به  نھ سوچيندو تھ ھن ٻار جي مائٽن جي مٿان ڇا گذرندي ھوندي ؟

28 ڊسمبر خميس ڏينھن ڪراچي ناردن باءِ پاس تي افغان ڪئمپ ڀرسان برسات متاثرن جي لاءِ قائم ٽينٽ سٽي تي پوليس ۽ انڪروچمينٽ فورس ٽينٽ سٽي خالي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.مزاحمت تي فورس سڌيون گوليون ھلائي ڇڏيون.جنھن ۾ ھڪ 12 ورھين جو ٻارڙو تڏي تي فوت ٿي ويو،ٻيو زخمي ٿي پيو آھي.اھا ٽينٽ سٽي سال ڏيڊ اڳ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن جي لاءِ حڪومت قائم ڪري ڏني ھئي. ڪارروائي ۾ انھن ماڻھن جي اڏاوتن کي ڪرينن سان ڊاٿو بھ ويو.جنھن خلاف احتجاج ڪندڙ ماڻھن تي پوليس ڏنڊا وسايا ۽ بعد ۾ انھن مٿان سڌي فائرنگ ڪري ڏني.ان ڪارروائي ۾ملير ڊيلوپمينٽ اٿارٽي جي انڪروچمينٽ پوليس،ڪراچي جي مختلف ضلعن جي پوليس جي سوين اھلڪار حصو ورتو.  آپريشن خلاف مزاحمت ڪندي متاثر ماڻھن گڏجي احجتاج ڪيو، جنھن ۾ ھنن سان گڏ ٻارڙا 7 عورتون بھ گڏ ھيون.پوليس انھن مٿان لٺبازي ڪئي، شيلنگ ڪئي ۽ بعد ۾ سڌيون گوليون بھ ھلائي ڇڏيون، جنھن ڪري عورتن ۽ ٻارڙن ۾ ڪيھاٽ ۽ رڙيون پئجي ويون .پوليس جي فائرنگ ۾  12 ورھين جو ھڪ معصوم ٻارڙو يونس ولد مير علي چانڊيو مارجي ويو.

اھو واقعو گلشن معمار ٿاڻي جي حد ۾ واقع ناردرن باءِ پاس لڳ برسات متاثرين جي قائم ٿيل ٽينٽ سٽي ۾ پيش آيو آھي.اختيارين اڏاوتون ڊاھڻ لاءِ ايم ڊي اي طرفان انڪروچمينٽ پوليس ۽ ڪراچي ضلعي ايسٽ ويسٽ ۽ سينٽرل پوليس جي اھلڪارن سميت ليڊيز پوليس اھلڪارن ٽينٽ سٽي ۾ رھندڙ برسات متاثرين جا اجھا ڊاھڻ لاءِ ڪرين مشين ذريعي اڏاوتون مسمار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي تـ متاثرن مزاحمت ڪئي ھئي.فائرنگ ۾ ٻيو ٻار سخت زخمي ٿي پيو.جنھن کي نازڪ حالت ۾ ڊائو اسپتال آندو ويو جتان وري ان بار کي علاج لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ان سلسلي  ۾ احمد علي شاھ ڪاظمي، لياقت بليدي. خان چانڊيو، اڪبر شاھ ڪاظمي، عبدالحميد ڇڇر، فقير محمد چانڊيو، مظھر سولنگي ۽ ٻين چيو تـ ڏيڍ سال اڳ سنڌ ۾ پيل غيرمعمولي برسات ۽ ان بعد آيل ٻوڏ سبب سنڌ جي مختلف ضلعن کان آيل متاثرين کي ھتي آباد ڪيو ويو ھو.ھي اھي ماڻھون ھئا،جن جو سڀ ڪجهه پاڻي ۾ لڙھي وڃڻ بعد اھي بي گھر ٿيل ھئا.حڪومت پاران ڏنل ان ٽينٽ سٽي ۾ اھي ماڻھون پنھنجا گھر قائم ڪري ويٺل ھئا.

ڪراچي ھڪ اھڙو شھر آھي،جتي ڏينھون ڏينھن وڌندڙ تعميرات ڪري ھن وقت بلڊر مافيا توڙي ترقياتي ادارن جي لاءِ اھا زمين ڪروڙن جي ملڪيت آھي.جنھن ڪري سموري شھر ۾ اھڙا واقعا ٿيندا رھن ٿا.حڪومت پاران اجازت ملڻ بعد بھ ان زمين تي رھندڙ ماڻھن خلاف اھڙي بي رحمي سان ٿيل ڪارروائي سان سوال اڀري ٿو تھ ڇا اھي ترقياتي اداران ۾ موجود ماڻھون حڪومت کان بھ زور آور آھن جو اھي حڪومت جي حڪمن کي بھ نٿا مڃين؟ يا وري ان عمل جي پويان ڪا سازش آھي،جنھن ۾ ڪا وڏي طاقتور بلڊر مافيا ملوث آھي ؟نگران حڪومت جي دور ۾ بھ عام ماڻھن سان اھڙي قسم جي ڪارروائي ڪري انھن جي ٻارن ۽ عورتن جي مٿان سڌي فائرنگ ڪرڻ ۽ انھن جي ٻار کي قتل ڪري ڇڏڻ اھا ڪھڙي قانون جي پوئيواري آھي ؟حڪومت جي لاڳاپيل ادارن کي ان عمل کان اڳ ۾ انھن ماڻھن کي اطلاع ڏيڻ گھربو ھو تھ اھي ٽينٽ سٽي خالي ڪرڻ چاھين ٿا ؟ ان جو ڪو ٻيو قانوني پاسو جاچيو وڃي ھا، پر ھھڙي بدمعاشي سان انھن بي گھر ماڻھن جي مٿان فائرنگ ڪري انھن کي ھراسان ڪرڻ ۽ انھن مٿان گوليون ھلائڻ اھو تھ ڪنھن بھ قانون ۾ لکيل نھ آھي.اسان نگران وڏي وزير، سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ آءِ جي پوليس کي گذارش ڪريون ٿا تھ ھن معاملي جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ اھڙي ظلم جي جاچ ڪرائي وڃي.ان عمل ۾ ملوث عملدارن خلاف قانون موجب قدم کنيو وڃي.

قانون تي عمل ڪرائڻ جي لاءِ اھو لازمي ڇو ٿي پيو تھ ھڪ ٻارڙي جي حياتي کسي وڃي. اھڙو عمل حڪومت خلاف عوام ۾ نفرت کي ھوا ڏيندو، جنھن ڪري پوليس ۽ ترقياتي ادارن ۾ موجود اھڙن ماڻھن کي ان عمل کان روڪيو وڃي ۽ ان جو بھتر حل ڳوليو وڃي.

  • ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ سخت مانيٽرنگ جي گھرج آھي.

سنڌ ۾ ڳچ عرصي کان ڀاڻ جي کوٽ ۽ ان جي ذخيري ڪرڻ بابت ھارين نارين ۽ آبادگارن جي دانھن ٻڌڻ ۾ اچي رهي آھي. ان سلسلي ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي صدارت ۾ ھڪ اھم اجلاس ٿيو،جنھن ۾ سيڪريٽري زراعت ۽ ڊائريڪٽر جنرل ايگريڪلچر ايڪسٽينشن پڻ شروڪت ڪئي. اجلاس کي بريف ڪيو ويو تھ سنڌ ۾ 175 ڀاڻ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪري انھن تي 40 لک رپيا ڏنڊ وڌو ويو آھي.اجلاس ۾ ڀاڻ جي کوٽ ختم ڪرڻ جي لاءِ چيف سيڪريٽري سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي ھدايت ڪئي تھ ھر ضلعي ۾ ڀاڻ جي سئو سيڪڙو دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي.

ٻئي پاسي ھن وقت بھ سنڌ جي مخلتف علائقن ۾ ڀاڻ جي کوٽ برقرار آھي.واپاري ۽ انھن سان مليل مافيا ھٿ سان ڀاڻ کي لڪائي انھن جي قيمتن کي وڌائي ڪري ھارين کي ٻنھي ھٿن سان ڦري رھيا آھن.

جيڪڏھن حڪومت ۽ ان سان لاڳاپيل ادارا سنجيدگيءَ سان سنڌ جي ھر شھر ۾ ڪارراوئي ڪن تھ ان جي کوٽ کي ختم ڪرائي سگھجي ٿو، پر اختيارين جي رسمي ڪارروائي جي ڪري اھو سڀ ڪجھھ ھڪ طرح سان واپارين وچ ۾ اھو طئي ٿيل آھي. جنھن جو اصل مقصد سنڌ جي ٻھراڙي جي زراعت سان واڳيل ماڻھن کي ھٿ سان ڦرڻ آھي.

چيف سيڪريٽري کي گذارش ڪجي ٿي تھ انھن ضلعي عملدارن جي مانيٽرنگ ۾ دلچسپيءَ وٺي، اھڙي عمل ۾ملوث آفيسرن خلاف بھ اثرائتي ڪارروائي ڪئي وڃي.ٻي صورت ۾ اھڙين گڏجاڻين جو ڪو به کڙتيل نھ نڪرندو

 

 

 

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.