ٻيو ۽ آخري حصو
پلاسٽڪ کان پوءِ سمنڊ جي گدلاڻ ۾ ٻيو وڏو خطرو ڪارپوريٽ ڪمپنين جي طرفان سمنڊ جي تري مان تيل ڪڍڻ جي ڪوشش آهي. هڪ رپورٽ موجب هن وقت تائين هڪ ڪروڙ 18 لک تيل جا کوھ سمنڊ اندر کوٽيا ويا آهن. ان سموري تيل جو 35 سيڪڙو تيل سمنڊ اندر وهي وڃي ٿو. ان کان سواءِ سمنڊ جي اندر کوٽيل کوھ بند (سيل) ڄاڻايا ويا آهن، پر انهن مان پڻ سمنڊ اندر تيل لڳاتار وهندو رهي ٿو. جنهن سان نه صرف سمنڊ جي سمورن جاندارن جي زندگي کي خطرو آهي، پر ان جو خشڪ علائقن تي پڻ هاڃيڪار اثر پوندا، جنهن جو ازالو ڪرڻ ممڪن ئي نه رهندو.
سائنسدانن موجب هن صدي جي آخر تائين جڏهن گرمي جي درجي ۾ 2.1 سينٽي گريڊ جي واڌ ٿيڻ سان سمنڊ جو ايڪو سسٽم جتي سامونڊي جاندارن جا گهر آهن جنهن کي سائنسي ٻولي ۾ ڪورل ريفز چئبو آهي ان جي تباهي ٿي ويندي.
آءِ پي سي سي جي 2019ع واري ماحولياتي رپورٽ ۾ ڇهن اهڙين تبديلين جو امڪاني خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي، جنهن سان ڌرتي تي انسانن سميت هر طرح جي زندگي جو خاتمو ممڪن بڻجي سگهي ٿو. انهن ۾
برازيل جي مشهور ٻيلي ايمازون جو خاتمو.
سمنڊ جي ڪورل ريفر جو خاتمو
گلف ڪينال جو خاتمو.
بوريل ڪئناڊا جي جهنگ جو خاتمو.
اتر قطب ۾ گرين لينڊ جو خاتمو .
اوڀر ۽ اولهه انٽارڪٽيڪا جي برف وارن جبلن جو رجڻ .
سائنسدانن جي طرفان چيو وڃي ٿو، ته هنن مان ڪنهن به هڪ جي خاتمي سان ڌرتي جي ماحول ۾ انتهائي خطرناڪ حد تائين اثر پئجي سگهن ٿا. ساڳئي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي، ته ڌرتي تي 73 سيڪڙو گرين هائوس گيسن جي خارج ٿيڻ ۾ توانائي جي شعبي سان لاڳاپو آهي. سائندانن موجب فيوزن ٽيڪنالاجي وسيلي دنيا جي سموري توانائي جو پوراءُ ڪري سگهجي ٿو. فيوزن هڪ رينيو ايبل انرجي يعني قابل تجديد توانائي جو طريقو آهي ۽ اهو محفوظ طريقو آهي. جڏهن ته چين جي طرفان فيوزن ٽيڪنالاجي جو هڪ ڪامياب تجربو پڻ ڪيو آهي.
گارڊين اخبار مطابق شيل ۽ ايگزون تيل ڪمپنيون 2000ع کان 2010ع تائين ساليانو هڪ ارب ڊالر رشوت جي طور تي مختلف سائنسدانن ۽ ميڊيا هائوسز ۽ اخبارن کي ڏينديون رهيون آهن ته اهي ماحوليات جي بگڙڻ وارين خبرن کي گهٽ ڪري شايع ڪن. ان ڪري ماحولياتي خبرن کي ميڊيا ۽ اخبارن اندر 10سيڪڙو به مس ڪوريج ملي سگهي .
30 نومبر کان 12 ڊسمبر 2023ع تائين ماحوليات بابت اقوام متحده جي طرفان (ورلڊ ڪلائيميٽ ايڪشن سمٽ) جي نالي سان عالمي ڪانفرنس آف پارٽيز دبئي ۾ٿي. جنهن ۾ 192 ملڪن جا سربراھ ۽ نمائندا شريڪ ٿيا، پر افسوس ته اها ڪانفرنس به ماضي جي ڪانفرنسن بي نتيجا ختم ٿي وئي. ڇاڪاڻ ته اهڙيون ڪانفرنسون سامراجي ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين گئس ۽ پلاسٽڪ وغيره کي پيدا ڪرڻ کان روڪڻ جي اهليت ئي نه ٿيون رکن. جيستائين اهي پيدا ٿينديون رهنديون تيستائين اهڙيون هزار ڪانفرنسون به ماحول کي بهتر ڪري نه سگهنديون.
ڇاڪاڻ ته ڌرتي جي سموري ماحولياتي تباهي ۽ بربادي جو ذميوار صرف ئي صرف سرمائيداري ۽ سامراجي نظام ۽ ان جو گهڻ قومي ڪمپنيون آهن. پر انهن پنهنجي لفظن جي چالاڪي ڪري سرمائيداراڻن ناپاڪ ڏوهن کي لڪائيدي سرمائيدارن بدران عام انسان کي ڌرتي جي ماحولياتي تباهي جو ذميوار قرار ڏنو آهي. اهڙا لفظ ماحوليات واري ڪانفرنس ۾ عالمي ميڊيا وسيلي وڏي چٽائي سان استعمال ڪيا ويا آهن ۽ خاص ڪري ماحولياتي مسئلي تي مشهوري ماڻيندڙ ڇوڪري گريٽا ٿمبرگ کان پڻ اهي لفظ چوَرايا ويا آهن. مطلب ته انهن لفظن جي پويان سرمائيدارن پنهنجي پيدا ڪيل گندگي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر اها حقيقت سڀني جي آڏو پڌري پٽ پئي آهي، ته سرمائيداري نظام ۽ ان جا دلال حڪمران ماحولياتي تباهي ۽ بربادي جا سئو سيڪڙو تائين ذميوار آهن ۽ اهي هاڻي سموري ڌرتي جو وجود لاءِ پڻ خطرو بڻجي ويا آهن.
ماحولياتي سائنسدانن طرفان دنيا جي ڏهن ملڪن جي ماحولياتي تباهي جو شڪار ٿيڻ جو خطرو قرار ڏنو ويو آهي، انھن ۾ پاڪستان پڻ شامل آهي. ان جي تصديق 2022ع واري مون سون واري موسم ۾ ٿي هئي، جنهن ۾ رڪارڊ ٽوڙ برساتون پيون ۽ خطرناڪ ٻوڏ واري صورتحال ٿي وئي، جنھن ۾ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو بي گهر ۽ متاثر ٿيا هئا، سوين انسان موت جو شڪار ٿيا، لکن جي تعداد ۾ چوپايو مال مري ويو ۽ اربين روپين جا فصل تباھ ٿيا. جن جو اڃان تائين ازالو ٿي نه سگهيو آهي.
ان سان گڏ هتي هر سال نومبر جو مھينو شروع ٿيندي ئي فضا جي آبھوا زهريلي بڻجي وڃي ٿي، خاص ڪري ايشيا کنڊ، ٻين کنڊن جي ڀيٽ ۾ هتي وڌيڪ ڪوئلو، فيوئل فاسل (پئٽرول، ڊيزل ۽ گئس) ٻاريو ويندو آهي. ان ڪري لاهور، ڪراچي، ڪلڪتو ۽ دهلي وغيره فضائي آلودگي ۾ سرفھرست آهن، جن جي فضا آلوده ۽ زهريلي رهي ٿي، يعني انهن شهرن ۽ علائقن جي فضا ۾ 415 پارٽيڪل ميٽرز تائين صحت لاءِ هاڃيڪار آبھوا موجود هوندي آهي. جنهن جو مطلب آهي، ته هڪ ملين پارٽيڪلز ۾ 415 ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جا جزا موجود هوندا آهن. مختصر طور تي ائين کڻي چئجي ته اهي شھر انسانن جي رهڻ لاءِ قابل نه رهيا آهن.
سوچڻ جي ڳالھه آھي ته اسان جي وسيع ڪائنات اندر موجود ڪروڙين تارن ۽ سيارن کي شڪست ڏئي، اسان جي ڌرتي نه صرف زندگي کي جنم ڏنو، پر ان کي انتھائي رنگين ۽ خوبصورت پڻ بڻايو آهي. ان جو تحفظ ۽ واڌارو ڪرڻ بدران هتي جا سرمائيدار ۽ سامراجي پئسن جي حوس ۾ ڌرتي جي هر جيوت کي قتل ڪري رهيا آهن !!!
ڏٺو وڃي ته ماحولياتي بگاڙ جو وڏي ۾ وڏو نقصان پورهيت طبقي کي ئي ٿيندو آهي. جنهن ۾ گهڻين برساتن جو پوڻ، ٻوڏن جو اچڻ، غير موسمي جراثيمن جو پيدا ٿيڻ ۽ زرعي فصلن جي تباهي ٿيڻ ۽ گليشيئرن جي ڳرڻ سان انهن جي هيٺان لکين سالن کان دٻيل جراثيمن جو زمين تي پکڙجڻ، جنهن ۾ خطرناڪ بيماريون ڦھلجڻ سميت اهڙن نون عذابن کي ڀوڳڻو پوندو، جنهن جو هن وقت تصور ڪرڻ به ممڪن نه آهي. مطلب ته پورهيت طبقي کي تمام گهڻيون تڪليفون سھڻيون پونديون.
مٿي بيان ڪيل سمورين حقيقتن کي نظر ۾ رکي، اهو چئي سگهجي ٿو، ته هن سرمائيداري ۽ سامراجي نظام جي خاتمي بنا، نه ماحول جي گدلاڻ کي ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ نه ئي ڌرتي تي موجود انسان سميت سمورين زندگين کي تحفظ فراهم ڪري سگهجي ٿو.
ان ڪري هتي فقط هڪڙو ئي حل بچي ٿو، ته ڌرتي جي هر جيوت مخالف ۽ استحصالي سرمائيداري نظام جو خاتمو ڪرڻ سان ئي ڌرتي جي وجود جو بچڻ ممڪن آهي ۽ اهو پورهيتن جي سوشلسٽ انقلاب برپا ڪرڻ جي وسيلي ئي ٿي سگھي ٿو.