15 سالن گذري ويا، ميهڙ جي واٽر سپلاءِ اسڪيم مڪمل نه ٿي

تحرير: فراز علي چنا

دادو ضلعي جو اهم ڪاروباري مرڪز ميهڙ شهر گذريل ڪافي سالن کان مسئلن جي ور چڙهيل آهي . پ پ پ حڪومت جو 15 سالا اقتداري دور اڍائي لک کان وڌيڪ آباي رکندڙ ميهڙ شهر پيئڻ جي مٺي ۽ صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھي. ميھڙ شھر کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪندڙ منصوبي واٽر سپلاءِ  اسڪيم جو منصوبو گذريل 15 سالن کان رولڙي جو شڪار آھي پ پ پ حڪومت جا گذريل 3 حڪومتي دور شھر جي واحد  اسڪيم کي بحال ڪري ناهي سگهيا.. شهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر سپلاءِ  اسڪيم لاءِ   هڪ ارب روپيا جاري ڪرڻ باوجود واٽر سپلاءِ  اسڪيم جي مرمت گذريل 20 سالن ۾ مڪمل ناهي ٿي سگهي.

2007  ۾ ان وقت جي ضلعي حڪومت پاران شهر کي پيئڻ جو پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ  دادو ڪئنال مان پائيپ لائين ذريعي لائين وڇائي شهر کي پاڻي پهچائڻ جو منصوب ٺاهيو ويو. جنهن لاءِ  ان وقت ضلعي ناظم ڪريم علي جتوئي ميهڙ شهر کي پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي لاءِ   واٽر سپلاءِ  اسڪيم جي مرمت ۽ واڌاري لا۽ 45 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا. جڏھن ته ڪم شروع ٿيڻ سان ئي ضلعي حڪومتن جو مدو پورو ٿيڻ بعد 2010ع واري ٻوڏ کان عالمي ادارن پاران پاڪستان حڪومت کي ڏنل امداد جي سلسلي ۾  اٽلي سرڪار ميھڙ جي واٽر سپلاءِ  جي مرمت ،واڌاري ۽ لاءِ  75 ڪروڙ روپيا جاري ڪيا . هڪ ارب روپين جي رقم جاري  ڪيا ويا. رقم جاري ٿيڻ کان پوءِ واٽر سپلاءِ  اسڪيم جي بحالي لاءِ  منصوبا ته جڙيا، ٽينڊر به ٿيا ، پئسا به نڪتا پر اسڪيم مڪمل نه ٿي سگهي

جيتوڻيڪ 2008 ، 2013 ۽ 2018 جي اليڪشن دوران پ پ پ جي اميدوارن پاران  ماڻهن سان واعدا ڪيا ويا ته اليڪشن ۾ ڪامياب ٿي شهر جي پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ڪيو ويندو پر وقت گذرندو ويو . هڪ ارب روپيا ختم ٿي ويا  پر واٽر سپلاءِ  اسڪيم جي مرمت نه ٿي سگهي نه ئي واٽر سپلاءِ  لاءِ  اعلانيل منصوبو شروع ٿي سگهيو . هڪ ارب روپيا جاري ٿيڻ  باوجود اسڪيم جي مرمت ۽ بحالي نه ٿيڻ سبب شهرين پاران اعلي اختيارين کي درخواستن ۽ دانهن کان پوءِ جيتوڻيڪ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار پاران جوڙيل پاڻي ڪميٽي جي سربراهه امير مسلم هاني پاران 4 دفعا ميهڙ واٽر سپلاءِ  اسڪيم جا دورا ۽ اسڪيم لاءِ  ڊي سي دادو کان اضافي فنڊز جاري ڪرڻ ۽ اسڪيم لاءِ  بجلي جي ڪمرشل لائين مان ڪنيڪشن ڏيارڻ ، ٽرانسفارمر لڳائڻ باوجود اسڪيم فعال نه ٿي سگھي. جيتوڻيڪ ميهڙ مان چونڊيل ايم پي اي فياض علي ٻٽ وٽ پ پ پ جي گذريل 3 حڪومتي دورن ۾  وزارتن جا قلمدان رهيا کيس پبلڪ هيلٿ جو قلمدان  به مليو. ھن وٽ واٽر سپلا۽ اسڪيم جي مرمت، واڌاري ۽ نون منصوبن لاءِ ۽ فنڊ به ھيا عوام سان ڪيل واعده به ھيا  پر هو واعده وفا ڪري نه سگھيو . نه ئي وري پنهنجي چونڊ تڪ جي ماڻهن لاءِ  اهم مسئلو پيئڻ جو پاڻي حل ڪرائي ناهي سگهيو .

ميهڙ شهر جيڪو ھڪ وڏي  آبادي وارو شهر آھي پر گذريل 15 سالن کان واٽر سپلاءِ   اسڪيم وارا بندي جو شڪار آهي شهر ۾ پاڻي جي فراهمي لاءِ ۽ 30 سالن کان لڳل پراڻا پائيپ  هنڌ هنڌ کان ٽٽي ويا آھن.  پائيپ ٽٽل هجڻ  ۽ نيڪال وارن نالين سان گڏ ھجڻ سبب اڪثر ڪري واٽر سپلاءِ  اسڪيم ۾ گندو ۽ گٽرن مليل پاڻي اچڻ معمول بڻيل آهي. جيتوڻيڪ شھري گٽر مليل ۽ گندي پاڻي جون تصويرون ۽ ويڊيوز سوشل ميڊيا تي رکي احتجاج ڪندا رھيا آھن. پر اختيارين شھرين جي ان احتجاج تي به ڪن لاٽار ڪري ڇڏي آھي..ميهڙ شهر جي واٽر سپلاءِ  فعال نه هجڻ  ڪري ماڻھون پيئڻ جي پاڻي لاءِ  پريشان آھن . واٽر سپلاءِ اسڪيم جي وارا بندي گٽر مليل پاڻي اچڻ سبب شھر جا ماڻھو پيئڻ جو پاڻي پئسن ته وٺڻ تي مجبور آھن. پاڻي پئسن تي گھرائڻ سبب شهر ۾ 10 کان وڌيڪ فلٽر پلانٽ کلي ويا آهن جتان ماڻهو پئسن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن جڏهن ته اڪثر ماڻهو پيئڻ لاءِ  پاڻي پئسن تي ڀرائي رهيا آهن. پ پ پ جي 15 سالا حڪومتي دور وزارتون ، ڪروڙن روپين ميونسپل ميهڙ جي بجيٽ توڙي هڪ ارب روپيا جاري ڪرڻ باوجود هڪ واٽر سپلاءِ  اسڪيم جي مرمت نه پئي ٿي سگهي.

ميهڙ جا ماڻهو سوال ڪن ٿا ته آخر کين ڪهڙي ڏوهه جي سزا ڏني پئي وڃي. تعلقه  اسپتال ، اسڪولن سميت سمورا ادرا ته تباهه آهن پر پيئڻ جو پاڻي جو مسئلو به حل نه پيو ٿئي . ماڻھو چون پيا ته اليڪشن اچي رهي آهي. پ پ پ جا اميدوار ڪھڙي منھن سان ماڻھن کان ووٽ گھرندا ۽ وري ڪھڙو واعدو ڪندا. ميهڙ جا ماڻهو سوال ڪرڻ چاهين ٿا ته آخر شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي ڪڏهن ملندو؟

دادو ضلعي جو اهم ڪاروباري مرڪز ميهڙ شهر گذريل ڪافي سالن کان مسئلن جي ور چڙهيل آهي . پ پ پ حڪومت جو 15 سالا اقتداري دور اڍائي لک کان وڌيڪ آباي رکندڙ ميهڙ شهر پيئڻ جي مٺي ۽ صاف پاڻي جي سھولت کان محروم آھي. ميھڙ شھر کي پيئڻ جو پاڻي فراھم ڪندڙ منصوبي واٽر سپلاءِ  اسڪيم جو منصوبو گذريل 15 سالن کان رولڙي جو شڪار آھي پ پ پ حڪومت جا گذريل 3 حڪومتي دور شھر جي واحد  اسڪيم کي بحال ڪري ناهي سگهيا.. شهر کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ڪندڙ واٽر سپلاءِ  اسڪيم لاءِ   هڪ ارب روپيا جاري ڪرڻ باوجود واٽر سپلاءِ  اسڪيم جي مرمت گذريل 20 سالن ۾ مڪمل ناهي ٿي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.