افغان، ھندوستان ۽ پاڪستان ۾ امڪاني پاڻي تڪرار  

ڪجهھ وقت کان اھي خبرون اينديون رھن ٿيون تھ دنيا ۾ ايندڙ جنگ پاڻي تي لڳندي.جيئن تھ دنيا جي ملڪن جون حدون ۽ سرحدون غيرفطري آھن. ان ڪري ڪي اھڙا بھ درياھ،جبل ۽ ميدان آھن،جيڪي ھڪ ئي وقت دنيا جي مختلف ملڪن مان گذرن ٿا. ان ڪري ساڳيو درياھ اڳتي وڌي ھڪڙي ملڪ کان پوءِ ٻئي ملڪ ۾ داخل ٿئي ٿو، يا وري ڪي جابلو سلسلا ھڪ ملڪ کان ٻئي ملڪ ۾ وڃن ٿا، ان ڪري ٻين يا ٻن کان وڌيڪ ملڪن وچ ۾ انھن تي تڪرار بھ ٿيندا رھيا آهن.

ھن وقت ھندوستان کان پوءِ افغانستان به پاڪستان خلاف آبي هٿيارن جي استعمال ۾ مصروف آهي، ماضي ۾ ھندوستان پڻ آبي جارحيت ڪري پاڪستاني زراعت کي پورائي نھ ٿي سگھڻ جھڙو نقصان پهچايو آهي.ڊان نيوز ٽي وي موجب افغانستان ۾ طالبان حڪومت ڪنڙ ندي تي هائيڊل پاور پراجيڪٽ کي اڳتي وڌائي رهي آهي.

ماضي جي افغان حڪومت ۽ ھندوستان وچ ۾ افغانستان ۾ مختلف درياهن تي ڊيمن ٺاهڻ جا معاهدا ٿيا هئا.اھي معاھدا افغان طالبان حڪومت جي اچڻ سان سرد مھري جو شڪار ٿي ويا ھئا.افغان نيوز ايجنسي خاما پريس موجب افغان حڪومت ڪابل ۾ شاهه توت ڊيم مڪمل ڪرڻ لاءِ ھندوستان کي درخواست ڏني هئي، جيڪا ھندوستان قبول ڪري ورتي هئي. نومبر 2022 ۾ ھندوستان کي افغانستان ۾ ڪابل درياءَ تي 12 ڊيمن جي اڏاوت مڪمل ڪرڻ لاءِ جي درخواست ھندوستان پڻ منظور ڪئي ھئي، افغانستان ۾ ڊيمن جي اڏاوت جي حوالي سان ماضي جي معاهدن تي ٻيهر عملدرآمد تي اتفاق ڪيو ويو آهي. افغان ترجمان ذبيح الله مجاهد جو چوڻ آهي ته ”اسان کي پنهنجي پاڻيءَ جو انتظام ڪرڻو آهي، چاهي اهو ڪنڙ، فارياب، فرح يا هلمند ۾ ئي هجي.“

هندوستان ان کان اڳ ۾ 2016 ۾ پڻ اولهه افغانستان جي هرات صوبي ۾هائيڊرو اليڪٽرڪ پروجيڪٽ پڻ تعمير ڪيو هو، جنھن کي افغانستان-انڊيا دوستي (سلما ڊيم) جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو.

افغان آبي اڳرائي جي ڪري نه رڳو پاڪستان پر ايران به متاثر ٿي رھيو آهي، هلمند درياهه ايران ۽ افغانستان لاءِ پاڻي جو اهم ذريعو آهي، جيڪو افغان-ايران سرحد جي ٻنهي پاسن جي لکين ماڻهن لاءِ ضروري آهي، پر افغان حڪومت جي  رويي سبب اھو تڪرار بڻجي چڪو آهي.

ھي ٽنھي ملڪن وچ ۾ اھم معاملو آھي،جنھن کي ڳالھين جي ذريعي ئي حل ڪري سگھجي ٿو.ٻي صورت ۾ پاڻي جو ھي معاملو انھن ملڪن ۾ تڪرار جو وڏو سبب بڻجي سگھي ٿو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.