▪تخليقي ذهن ٻين کان مختلف سوچڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان ڪري ذھني لاڙن کي ترتيب ڏيندڙ، انهن واقعن جا نقش، جيڪي عمر ڀر پيڇو ڪن ، اتساھ به ڏين ٿا ته ساھس به۔ سو ماضي ياد رهي ٿو.
ماضي جا پيرا کڻبا ته ننڍپڻ جي ابهم وهي جي حالتن ۾ جھاتي پائڻي پوندي۔ جڏهن ته ڄمڻ کان پهريون رحم مادر ۾ گذاريل وقت به عمر جو حصو آھي۔ جاپان ۾ چون ٿا ته ٻار جي پيدائش مهل سندس عمر ٩ مهينا لکي ويندي آھي۔ سو تاريخ انسان جي يادگيرين جو دستاويز آهي – پنهنجي خود لکيل سوانح، يا ٻين پاران لکيل سوانح ۾ افسانويت جي آميزش باوجود واقعن جي وچور جو معروضي تجزيو ڪري سگھجي ٿو۔ اهو نه وسارجي ته معروضيت ۽ موضوعيت ٻئي هڪٻئي سان اضافت ۾ رهندي الڳ الڳ حيثيت رکن ٿا۔ انسان ڄائو ئي نه هو ته معروضيت هئي ۽ جهان ڇڏي وڃڻ کانپوءِ به معروضيت رهندي۔
▪معروضيت ۾ زمين ٺوس وجود رکي ٿي، اهو بحث پنهنجي جاءِ تي ته اڄ کان چار، ساڍا ارب سال اڳ ۾ زمين ڪهڙي شڪل ۾ هئي، جيئن اڄ ڏسجي ٿي، يا مختلف۔ زمين ۽ سج جي باري ۾ نظريا بدلجندا رهيا آھن، مثال طور زمين کي ڪائنات جو محور سمجھيو ويندو هو ۽ سج کي زمين جي چوڌاري ڦرندڙ۔ هي به ته زمين جي ساخت تراکڙي يا سئين سنوت واري آهي، يا گول؟
▪قديم يونان جي فيلسوفن ڪائنات جي هر لقاءَ تي سوچڻ جي روايت وڌي، ڪن ديوتائن ۽ ديوين جي ڏند ڪٿائن ۽ تمثيلي ڪردارن ذريعي ڪائنات جي تشريح ڪئي ۽ ڪن فلسفياڻي منطق ۽ جاميٽري اصولن جو سهارو ورتو۔ هن وقت به اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ جاميٽري جا ٿيرم پڙهايا وڃن ٿا۔ مئٽرڪ جي ميٿس ۾ پئٿاگورس جو گوني ڪنڊ وارو ٿيرم اسان به پڙھيو۔ اي اسڪوائر پلس بي اسڪوائر از ايڪوئل ٽو سي اسڪوئر۔
▪هي ته سائنسي حقيقتون صنعتي پيداوار جي شڪل ۾، نه سمجھندي به مڃڻ ۽ استعمال ڪرڻ تي مجبور آھيون نه ته اڻويھه سئو اونداھي وارا خيال رکندڙ دانائن جا جٿا پنهنجي کاٻي ساڄي سائنسي ڌارائن جو رستو روڪيون بيٺا آهن۔
▪ڪائنات ڇا آهي، ان جي وسعت ڪيتري آهي، ڪروڙين اربين ڪهڪشائن ۽ بليڪ هولس جو وجود ڪڏهن کان آهي، ڇا سدائين تارا، اپگرھ ايئن ئي پيا پولار ۾ ترندا رهندا، اهڙن سوالن جا جواب ڳولڻ وارن جون ڪاوشون ئي موجوده سماج جي اڏاوت جو موجب بڻيون آهن۔
▪هند ديومالا ۾ پرٿوي شيش نانگ جي ڦڻ تي بيٺل آهي۔ يوناني ديومالا مطابق زمين ڍڳي جي سڱن تي بيٺل آهي، پر اهڙا ذهن جن پڇيو ته نانگ ۽ ڍڳو خود ڇا تي بيٺا آھن، کين ڪفر جي پاداش ۾ ڳريون سزائون ڏنيون ويون، ان جي باوجود ارسطو گهٽ ٻوسٽ جي واتاورڻ ۾ به جنم وٺندا رهيا، ڪڏهن نيوٽن جي روپ ۾ ته ڪڏهن گليلو جي شڪل ۾، نڪولا ٽيسلا، ٿامس ايڊيسن، نيل بوهر ۽ آئنسٽائن سميت ٻيا انيڪ سائنسدانن جا نالا آهن، جن ڪائنات کي حقيقت جي آئيني ۾ ڏسڻ ۽ پرکڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، انهن جا وارث سائنسدان هينئر به موجود آھن
▪گليلو کان ٣٠٠ سال پڄاڻان هڪ اهڙي سائنسي ذهن جنم ورتو، جيڪو Motor Neuro Desease نالي مرض ۾ مبتلا ٿي ويو ۽ نه هلي ڦري سگھي ۽ نه ئي ڳالهائي سگھي، ان هوندي بگ بينگ ۽ بليڪ هول جون ٿيوريز ڏئي ڪائنات کي هڪ نئين انداز ۾ پرکڻ جون واٽون سڌيون ڪيون.
▪ايوري ٿنگ جي معنوي شرح ۾ سڀ ڪجھه اچي وڃي ٿو، معلوم هجي سوبه ۽ نامعلوم هجي سو به۔ ”سڀ ڪجھه “ ۽ ”هر شيءِ“ ۾ هڪجهڙائي هوندي به فرق آهي۔ هر شيءِ مان مراد هڪ، هڪ شيء جنهن جو ڪو نالو هجي، يعني ماديتي وجود رکندڙ، ماديتي شيءِ کي ماپي توري سگهجي ٿو، ڀل نظر اچي، نه اچي. هي لفظن ۾ موجود معنائن ۽ انهن جي تشريح هاڪنگ سمجهائي ويو، آئنسٽائن کانپوءِ ويجھڙ ۾ وڏي ذهن سان ڪائنات کي ڳولڻ ۾ هٿ پير هنيا، ته اهو هاڪنگ ئي آهي. هن جي نظرين جي تاڃي پيٽي ۾ سائنسي فڪشن جو رس چس ملي ٿو، نه فقط ايترو، پر ذهن جي نئين تشڪيل به ڪري ٿو۔
▪ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ ڏنل ليڪچرن جي هڪ سلسلي جي بنياد تي، پروفيسر هاڪنگ ”ڪائنات بابت خيالن جي تاريخ“ سان گڏ گڏ وقت، خلا ۽ ڪائنات بابت وقتائتن سائنسي نظرين کي واضح ۽ آسان سمجھڻ واري انداز ۾ متعارف ڪرايو.
▪پروفيسر هاڪنگ ڪائنات جي باري ۾ اسان جي نظر کي تبديل ڪري ڇڏيو، بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتاب A Brief History of Time سندس تصنيف آهي۔ هو پنهنجن تصنيفن ۾ ارسطو کان وٺي، نيوٽن ۽ آئن اسٽائن تائين ڪائنات بابت خيالن جو جائزو وٺي ٿو، ڪوانٽم ميڪنڪس جي اصول کي بگ بينگ، بليڪ هولز ۽ ڪائنات جي قسمت تي لاڳو ڪري ٿو.
▪سڀ ڪجھه جو نظريو، سڀ کان وڌيڪ پيچيده نظريو پيش ڪري ٿو، انساني ذهن ۾ موجود اربين نيوران هڪ ٻئي سان اهڙي ريت رابطي ۾ رهن ٿا، جنهن ۾ ماضي ۽ حال ٻنهي جُڳن تائين رسائي ملي ٿي۔ ڌيان ۾ رهي ته ذھن جي جدلياتي گهرجن ۾ پنهنجي وجود، سماج، رياست ۽ ڪائنات جي پيچيدگين کي سمجھڻ به اڻٽر آهي۔
▪اسٽيفن هاڪنگ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ ميٿميٽڪس جي لوڪاسين پروفيسر جي حيثيت سان نيوٽن جي ڪرسي تي ويٺو هو. هن آواز سنٿيسائزر مشين استعمال ڪندي، پنهنجو ليڪچر ڏئي رهيو هو.
▪لوڪاسين پروفيسر چيئر سال 1663 ڌاري هينري لوڪاس پاران قائم ڪئي وئي، جيڪو 1639-1640ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي جو پارليامينٽ ميمبر هو۔ هن احترام لائق پروفيسر جي عهدي تي نيوٽن به رهي چڪو آهي.
▪اسٽيفن هاڪنگ (8 جنوري 1942 – 14 مارچ 2018) هڪ انگريز نظرياتي طبعيات دان ، ڪائنات جو ماهر ۽ ليکڪ هو، جيڪو ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ سينٽر فار ٿيورٽيڪل ڪاسمولوجي ۾ ريسرچ جو ڊائريڪٽر هو . سال 2009 جي وچ ۾، کيس ڪيمبرج ۾ رياضي جو لوڪاسين پروفيسر جو اعزاز ڏنو ويو۔
▪ڪوانٽم طبعيات کان پهريون ايٽم کي ئي ننڍي ۾ ننڍي شيءِ سمجھيو پئي ويو۔ هر شيءِ جاندار هجي، يا غير جاندار، ايٽمن مان ٺھيل آهي. خبر پئي ته ايٽم ۾ هڪ نيوڪليس، يا مرڪز ٿئي ٿو، مرڪز جي چوڌاري اليڪٽران پارٽيڪلس طواف ڪن ٿا۔ جڏهن ته مرڪز ۾ پروٽان ۽ نيوٽران برابر تعداد ۾ موجود آهن، جن مان بي پناھ توانائي ملي سگھي ٿي. هي مرڪزي پارٽيڪل ڪوارڪس مان ٺهن ٿا ۽ ڪوارڪس اسٽرنگ مان، اسٽرنگ ٿيوري ڇاهي، هيءِ به ڪوانٽم دنيا جو سير ڪرائي ٿي۔
▪ڪائنات ڇا آهي، ان جي وسعت ڪيتري آهي، ڪروڙين اربين ڪهڪشائن ۽ بليڪ هولس جو وجود ڪڏهن کان آهي، ڇا سدائين تارا، اپگرھ ايئن ئي پيا پولار ۾ ترندا رهندا، اهڙن سوالن جا جواب ڳولڻ وارن جون ڪاوشون ئي موجوده سماج جي اڏاوت جو موجب بڻيون آهن۔