چونڊن ۾ ”منشور“ کٽندو يا ”جذباتي بيانيئو“؟

تحرير: حفيظ الله نيازي

منشور ۾ ڇا رکيوآهي،ڇاڪاڻ جو مقبول سياست ئي ھڪ بيانيئي جي تابع آھي. اربع ڏينھن بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پيپلز پارٽي ھڪ عوامي جلسي جو بندوبست ڪيو ھو.ان مناسبت سان نوجوان ڪرشماتي اڳواڻ بلاول ڀٽو هميشه وانگر شعلھ بيان خطاب ڪندي 8 فيبروري جي چونڊن لاءِ 10 نقاطي ايجنڊا پيش ڪيو.

ان کان ھٽي ڪري تھ منشور انقلابي هو يا رجعت پسند، پر منهنجي منشور بابت دانشورن ۽ سياستدانن جي راءِ کان مختلف ۽ ماپيل توريل راءِآهي.عوام تي رعب ويھارڻ، تنقيد کان بچڻ جي لاءِ۽ پنهنجي دل کي خوش ڪرڻ اڳواڻ ۽ سياسي جماعتون خود فريب جو سامان پئدا ڪري رھيون آھن.عملي طور تي عوام کي دوکو ڏئي رھيون آهن.

جيتوڻڪ اھو خلوص سان ماڻهن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ مقصد آهي. ڀٽو صاحب جو اٽو،لٽو ۽ اجھو  ڪپڙو يا شهباز شريف جو 6 مهينن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو يا عمران خان جون ھڪ  ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهر! پهرين سال ۾ ئي 8000 ارب ٽيڪس جمع ڪرڻ،اھو سڀ ڪجھه خانھ پوري لاءِ ضروري آهي.

ڪو به اهڙو ناهي جيڪو پنهنجي وڏي واڪي جي دعوائن جي ويجهو ويو هجي ۽ نه ئي واعدا پورا ڪرڻ ۾ ناڪامي ڪنهن جي سياست جو ڪجھه ھ بگاڙيو ڇڏيو هجي. پيارو ملڪ ھڪ بدترين دور مان گذري رهيو آهي، بي اعتمادي ۽ بي اعتباري جو راڄ آهي. مايوسي ۽ نااميدي چو طرف پکڙيل آهي. رياست بنفس نفيس آئين ۽ قانون جو ڌڄيون اڏائڻ ۾ ڦڙتيلي آهي. حڪمران يڪسوئي سان، آئين ۽قانون کان ھٽي ڪري حڪومت هلائي رهيا آهن، مٿين صورتحال رياست کي خوفناڪ انجام جي منھن ۾ ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع رٿابندي آهي.

چونڊن جون سرگرميون مٿان اچي ويون آهن، سياست ڊسمبر/جنوري جيان سيءُ ۾ ڄميل آهي، سياسي پارٽيون زبردستي متحرڪ نظر اچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيون آهن. ڇانيل سياس ماحول چونڊن جي گھما گھمي سان ٺهڪندڙ نھ آهي. ٽن وڏين پارٽين مان پيپلز پارٽي بھرحال عوام سان رابطي ۾ وڌيڪ متحرڪ آهي. لڳ ڀڳ سموريون سياسي پارٽيون سياسي مهم ھلائڻ بدران تقريرن، بيانن ۽ ميڊيا تي بحثن ۾ مصروف آهن. تحريڪ انصاف ان لحاظ کان خوش قسمت آهي ته ان جي چونڊ مهم رياست پاڻ هلائي رهي آهي. رياست جي احمقاڻي حڪمت عملي تي انصافي سوشل ميڊيا چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن.

ن ليگ انھيءِ خوشفهميءَ يا ”بدگماني “ ۾ ھفتن کان اميدوارن جون فھرستيون ترتيب ڏيڻ ۾چاڪ چوبند آھي. ٿي سگهي ٿو ايندڙ ڪجهه هفتا وڌيڪ خرچ  ڪرڻا پون.عوامي رابطا ۽ ميڊيا هينڊلنگ کي تيستائين ”خشڪ“ ڪرڻ جي لاءِ ٽنگي رکيو ويو آھي.

ميڊيا جيڪو هڪ مؤثر هٿيار آهي، سياست لاءِ آب حيات،ان ڏانھن عرصي کان دلچسپيءَ محدودآهي.موثر سوشل ميڊيا جي ڏس ۾ ڏهاڪن کان ذهني شڪست تسيلم ڪري ورتي آهي. ٿيندڙ زيان سمجهڻ جي صلاحيت ناهي يا مضبوط حڪمت عملي تي غور ئي نھ آهي. ٻئي طرف رياستي سطح تي چونڊون منعقد ڪرائڻ بابت شڪ پيدا ڪرڻ لاءِ منظم مهم هلي رهي آهي. ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ غيرضروري بحث هلندڙ آهي، اليڪشن ٿي سگھندي يا نه؟ مونجهاري متيون منجھائي ڇڏيون آھن.

بظاهر چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ رياستي قدمن ۾ ڪا به حتمي سنجيدگي ۽ جوش نظر نٿو اچي. ان کان سواءِ اسٽيبلشمينٽ هاڻي ڪاري ۽ اڇي جي مالڪ آهي، رياستي معاملا مڪمل طور تي ان جي رحم ڪرم تي آهن. عمران کي منھن ڏيڻ جي لاءِ درجنين ھنر آزمايا ويا آھن، مختلف قسمن جون تدبيرون بيڪار يا انھن جو نتيجو ابتو نڪتو.عمران جي سياست جي آبياري ٿيندي رھي.ھن جي مڃيندڙن ۽ چاھيندڙن کي حيرت انگيز طور تي مستحڪم ڪيو. ادارن خلاف نفرت ۽ ڪاوڙ کي هٿي ڏنو. وطن دشمن بونس ۾ ان جو فائدو وٺي رهيا آهن.

شهباز شريف جو تازو بيان ته اسحاق ڊار جي سرپرستي هيٺ منشور ڪميٽي سينا سپر آهي. اسان جو منشور جلد منظرعام تي اچڻ وارو آھي.شهباز صاحب جي سياسي تخيل پرواز ۽ رد عمل تائين محدود آهي. بلاول چونڊ منشور جاري ڪري ڇڏيو،تھ ھاڻي مسلم ليگ ن ۾ ”ٿر ٿلو“ پئجي ويو آھي. ھاءِ ! اهڙي سياسي فهم ۽ ڏاهپ تي ”رشڪ“ اچي ٿو.گذريل دفعي جڏهن 17 جولاءِ 2018ع تي منشور ڏنو ھو ته ان جو مقصد هو  منشور کان وڌيڪ نوازشريف جي بيانيئي کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو ھو.

منشور ٽوپي ڊرامي،جيان ويڙھيل ”خدمت کي ووٽ ڏيو“ جي ذريعي جنرل باجوا جي خوشنودي ھئي سياسي پارٽين ۾ منشور تي مقابلو جاري آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف جو ڪم”مفت“ ۾ پيو ٿئي. ڇو ته ان کي منشور جو ڊرامو نه پيو ڪرڻو پئي. عملي سياست منهنجو ميدان ناهي. تعجب آهي انهن ماڻهن تي جيڪي عملي سياست ۾ ته شامل آهن، پر سياست جي بنيادي حقيقت کان بي خبر آهن.

ياد رهي تھ،1970ع جي اليڪشن ۾، ڀٽو صاحب ۽ شيخ مجيب الرحمان کان سواءِ ٻي ڪنهن به سياسي پارٽي منشور نه ڏنو هو. ڀٽو صاحب هر شهر لاءِ اٽي.لٽي ۽ اجھي جو واعدو ڪيو. ڀٽو صاحب جي ساڍن چئن سالن جي اقتدار واري دور دوران اهو واعدو پورو نه ٿي سگهيو، سندس مقبوليت تي ڪو بھ اثر نھ  پيو، ڇاڪاڻ ته منشور تڪرار جو سبب نه بڻيو. ڀٽو صاحب تي مخالفن جو طعنو اهو به آهي ته ڀٽو صاحب کائڻ لاءِ گولي، پائڻ لاءِ ڪفن ۽ رهڻ لاءِ قبر ڏني آهي.

ٻيو مثال 2002ع ۾ ق ليگ بنا منشور ۽ واعدي جي اوچتو آئي ھئي.بغير ڪنهن منشور يا واعدي جي.روپيو ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي، ملڪ مان غربت گهٽي ۽ ڪيترائي ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيا. 2008 ۾ بي آبرو ٿي ڪري سياست جي ڪوچي مان ٻاھر نڪري پئي.

2018 ۾، عمران خان واعدن جي ڊگهي لسٽ سان اقتدار تي ھٿ ڪرڻ ۾ڪامياب ٿي ويو. منشور ناڪام، بدترين حڪمراني، ڪرپشن جا رڪارڊ، ڇا ڪجھه  نھ ٿيو. 10 اپريل کان پوءِ جڏهن هو پهريون ڀيرو سياسي مقبوليت سان متعارف ٿيو ته ان جو سبب منشور نه پر هڪ بيانيئو هو.

نواز شريف بنا ڪنھن منشور جي، 24 نومبر 2007ع کان ڊسمبر 2021ع تائين پنهنجي زندگيءَ جي مضبوط ترين سياست پنھنجي نالي ڪري چڪو ھو ۽ ان ڳالهه جو ڪهڙو دليل کپي سڀني جي غيرمقبوليت ۾ اينٽي اسٽيبلشمينٽ بيانئيو گڏيل ھو. ٻي راءِ، سڀني جي غير مقبوليت جو سبب هڪ ئي آهي، پرويز الاهي کان وٺي عمران خان کان وٺي نواز شريف تائين، جيڪي جيڪي به،اوڏانھن اسٽيبلشمينٽ جي مهري جو تاثر عام ٿي ويو، مقبوليت ڪئين ميل پري ڀڄي وئي. اينٽي اسٽيبلشمينٽ جي بيانيئي تي ست خون معاف. ڪو طريقو، ڪو  الزام ڪارگر نٿو رھي،ايئن ئي  جيئن  2014 کان 2021 تائين، نواز شريف تي ڪهڙو ظلم ھو جيڪو نه ڪيو ويو، آفرين ! عام ماڻهو ٻڌڻ لاءِ تيار نه هو.

ياد رکو، ته منشور ۾ ڪجهه به نه رکيو ويو آهي. عوام نه انهن جي واعدن جو خيال رکندو ۽ نه ئي انهن کي پورا ڪرڻا آھن. ٿو.سڀ ڪجهه بيانيئي ۾ئي ھلي ٿو.

جيڪڏهن 8 فيبروري تي اليڪشن ٿي سگهي ٿي ۽ تحريڪ انصاف سختي موجود رھي تھ صورتحال ڪجھه  ھن طرح  رهندي. سڀني سياسي پارٽين جو منشور هوندو ۽ بيانيئي کان آجيون ھونديون. جڏهن ته عمران خان وٽ رڳو بيانيئو هوندو. سياست ۽ مقبوليت عمران خان جي قبضي ۾ ۽ حڪومت ۽ قبوليت مسلم ليگ جي هٿن ۾. ڇا اھو ھڪڙو منافعو ۽ نقصان وارو ڪاروبار رھڻو آھي.

 

 

عوام تي رعب ويھارڻ، تنقيد کان بچڻ جي لاءِ۽ پنهنجي دل کي خوش ڪرڻ اڳواڻ ۽ سياسي جماعتون خود فريب جو سامان پئدا ڪري رھيون آھن.عملي طور تي عوام کي دوکو ڏئي رھيون آهن.جيتوڻڪ اھو خلوص سان ماڻهن کي پاڻ ڏانھن مائل ڪرڻ مقصد آهي. ڀٽو صاحب جو اٽو،لٽو ۽ اجھو  ڪپڙو يا شهباز شريف جو 6 مهينن ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ جو واعدو يا عمران خان جون ھڪ  ڪروڙ نوڪريون، 50 لک گهر! پهرين سال ۾ ئي 8000 ارب ٽيڪس جمع ڪرڻ،اھو سڀ ڪجھه خانھ پوري لاءِ ضروري آهي. ڪو به اهڙو ناهي جيڪو پنهنجي وڏي واڪي جي دعوائن جي ويجهو ويو هجي ۽ نه ئي واعدا پورا ڪرڻ ۾ ناڪامي ڪنهن جي سياست جو ڪجھه بگاڙيو  هجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.