آئرن ماڻهوءَ جي جسم جو هڪ اهم جُز آهي جيڪا سيلن جي واڌ ويجهه ۾ مدد ڪري ٿي، جسم کي طاقت مهيا ڪري ٿي، چمڙي ۽ وارن سميت گڏيل صحت لاءِ پڻ فائديمند آهي،رت جي ڳاڙهن جزن ۾ موجود آئرن جو ڪم آڪسيجن کي ڦڦڙن کان جسم جي مختلف حصن تائين پهچائڻ آهي، آئرن جي کوٽ جي ڪري جسم ۾ رت جي کوٽ پيدا ٿيندي آهي. ان سان گڏ مٿي کي چڪر اچڻ، ٿڪاوٽ، ننڊ جي کوٽ، ساهه ۾ تڪليف، نَنهن جو ٽٽڻ، وار ڇڻڻ ۽ ٻيا مسئلا ٿين ٿا.آئرن جي کوٽ کان بچڻ لاءِ، گوشت، داليون، پالڪ، چقندر، بادام، اخروٽ، چڻا، چانور ۽ کير وغيره جو استعمال ڪرڻ گهرجي.