ايران آمريڪا سان ڳالهين لاءِ نيون تجويزون پاڪستان حوالي ڪري ڇڏيون

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران آمريڪا سان ڳالهين لاءِ نين تجويزن جو مسودو ٽياڪڙي لاءِ پاڪستان کي موڪلي ڇڏيو.
ايراني سرڪاري اداري ارنا دعويٰ ڪئي آهي ته جنگبندي ڳالهين بابت نيون تجويزون خميس جي شام پاڪستان حوالي ڪيون آهن.
هاڻ اهي تجويزون پاڪستان آمريڪا کي موڪليندو، جنهن کانپوءِ ان جو جواب ڏٺو ويندو ۽ ايندڙ جواب واپس ايراني حڪومت کي موڪليو ويندو.
واضح رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگبندي ڳالهين جي عمل ۾ پاڪستان ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.