وائرل وڊيو: آئوٽ ڏيڻ تي ويرات ڪوهلي امپائر سان وڙهي پيو!

احمد آباد (ويب ڊيسڪ) تڪرارن جي گهيري ۾ رهندڙ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) ۾ هڪ ٻيو نئون تڪرار سامهون آيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، آءِ پي ايل ۾ رائل چئلينجر بئنگلورو( آر سي بي ) ۽ گجرات ٽائٽنز(جِي ٽِي) جي وچ ۾ اهم ميچ ان وقت تڪرار جي ور چڙهي وئي، جڏهن آر سي بي جي رجت پاٽيدار طرفان آئوٽ ٿيڻ تي سخت ردعمل سامهون آيو، ان واقعي نه رڳو شوقينن پر ٽيم مئنيجمينٽ به دنگ ڪري ڇڏيو
ميچ جي پهرين اننگز دوران پاٽيدار هڪ شارٽ بال تي پُل شاٽ کيڏڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بال بيٽ جي مٿئين ڪناري سان لڳي ڊيپ اسڪوائر ليگ پاسي هوا ۾ بُلند ٿي ويو ۽ جيسن هولڊر ڪيچ پڪڙي سندس اننگز تمام ڪري ڇڏي، ان دوران ڪگيسو ربادا به فائن ليگ کان ڊوڙندو سندس ويجهو پهچي ويو هو.
ڪيچ واضح نه هئڻ سبب آن فيلڊ امپائرن فيصلو ٿرڊ امپائر جي حوالي ڪيو، ري پلي ۾ واضح طور نظر نه آيو ته بال زمين کي لڳو يا نه، پر ثبوتن جي کوٽ باوجود پاٽيدار کي آئوٽ قرار ڏنو ويو، جنهن تي تڪرار کڙو ٿي ويو.
ان فيصلي تي ويرات ڪوهلي سخت ردعمل ڏنو ۽ بائونڊري لائين جي ويجهو فورٿ امپائر سان بحث ڪندي نظر آيو.
ان کانپوءِ هيڊ ڪوچ اينڊي فلاور به ڳالهه ٻول ۾ شامل ٿيو ۽ ٻنهي فيصلي تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته ان فارم آر سي بي ڪپتان جي وڪيٽ اهڙي وقت تي ڪِري هئي جڏهن ٽيم اڳ ئي سخت دٻاءُ جو شڪار هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.