ثبوت نه ملڻ تي خديجه شاهه کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو: پوليس

ڪوئيٽا ( م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبر خديجه شاهه کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. ڪوئيٽا پوليس موجب خديجه شاهه کي ڪيس ۾ ثبوت نه ملڻ سبب آزاد ڪيو ويو آهي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته خديجه شاهه 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث هجڻ جي الزام سبب پوليس ريمانڊ تي هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته خديجه شاهه کي 12 ڊسمبر تي راهداري ريمانڊ تي لاهور کان ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو هو. خديجه شاهه کي 6 ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ڪرڻو هو. پوليس خديجه شاهه کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ بدران ضمانت تي آزاد ڪيو. ٻئي پاسي خديجه شاهه جي وڪيل اقبال شاهه به ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪيس ختم ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.