ڪراچي (رپورٽر) سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ جناح اسپتال ۾ مختلف شعبن ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتين واري ڪيس ۾ اسٽي آرڊر خلاف داخل درخواست تي عدالت ڌرين جي وڪيلن کان دليل طلب ڪري ورتو، درخواستگذار پنهنجي موقف ۾ چيو آهي ته جناح اسپتال ۾ هزارن ڀرتيون ڪانٽريڪٽ بنيادتي ڪيو پيون وڃن، سنڌحڪومت کي ڀرتين جو اختيار نه آهي، ڪانٽريڪٽ تي ڀرتيون ڪري مستقل ملازمن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.
پنجاب جي اسڪولن ۾ سياري جون موڪلون وڌائڻ جو امڪان
لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ ٿڌ جي شدت برقرار رهڻ سبب اسڪولن جي موڪلن ۾ واڌ جو امڪان آهي. ٿڌ جي شدت نه گهٽجڻ تي اسڪول ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ طرفان موڪلن ۾ هڪ هفتي تائين واڌ تي غور ڪيو پيو وڃي، پنجاب جي اسڪولن ۾ 18 ڊسمبر کان موڪلون هيون ۽ اڳوڻي اعلان موجب پهرين جنوري 2024 کان اسڪول کلندا پر گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٿڌ جي شدت وڌڻ سبب نگران حڪومت موڪلون هڪ هفتو وڌائڻ تي غور ڪري رهي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان اڃا ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو.