عورت جي معافي: وڊيو وائرل ڪرڻ تي ٻن جوابدارن جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر) ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊسيشن جج اولهه جي عدالت ۾ ڪي اليڪٽرڪ عملي پاران عورت جي معافي گهرڻ جي ويڊيو وائرل ڪرڻ واري معاملي ۾ ويڊيو ٺاهڻ ٻه جوابدارن علي اڪبر ۽ فياض جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت  10،10عيوض منظور ڪري ورتي، عدالت 13جنوري تي ڪيس ملتوي ڪري ڇڏيو، ڪي اليڪٽرڪ جي عملي جي خلاف اقبال مارڪيٽ ٿاڻي ۾ سرڪارجي مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪي اليڪٽرڪ جي عملي ٿاڻي جي اندر عورت جي معافي گهرن واري ويديو ٺاهي هئي، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ سان عورت جي بي غرتي ٿي آهي.

اسٽاڪ ايڪسچينج، 100 انڊيڪس ۾ 1188 پوائنٽس جي واڌ

ڪراچي ( م ڊ )  پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هاڪاري ڪاروباري ڏينهن رهيو. اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ڏينهن دوران 100 انڊيڪس 1658 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو پر هينڊريڊ انڊيڪس 1188 پوائنٽس جي واڌ سان 62052 تي بند ٿيو. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ 20.27 ارب رپين جي 676.2 ملين شيئرز جا سودا ٿيا. مارڪيٽ  سرمائيداري 186 ارب رپيا وڌي 9003 ارب رپيا ٿي وئي.

سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ سمورا ڪيس ڊي لسٽ ٿي ويا

اسلام آباد ( م ڊ ) سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ سمورن ڪيسن کي ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود ۽ جسٽس اطهر من الله تي ٻڌل بينچ ڪيسن کي ڊي لسٽ ڪيو ويو آهي. بينچ جي غير موجودگي سبب فائنل ۽ سپليمنٽري ڪاز لسٽ ڊي لسٽ ڪئي وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته وقتي چيف جسٽس سردار طارق مسعود صحت جي خرابي سبب ٻڌڻي نه ڪري رهيو آهي.

ميرپورخاص ويجهو خودڪشي قرار ڏنل ناري مڙس هٿان قتل ٿيڻ جو انڪشاف

ميرپورخاص (عوامي آواز نيوز) ڪجهه ڏينهن اڳ پراڻي ميرپور ڀرسان مبينا خودڪشي قرار ڏنل عورت کي مڙس پاران ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ميرپور پراڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ قلندر ڪالوني ۾ 12 ڊسمبر تي  21 سالن جي پرڻيل ناري رحانا ڪھيري جي خودڪشي وارو مامري نئون رخ اختيار ڪري ويو آهي، مقتول ناري ناري جي آيل پوسٽ مارٽم ۾ واقعو خودڪشي بدران گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ بعد حد جي پوليس مڙس نور محمد کي گرفتار ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي، جنھن ۾ ھن قتل ڪرڻ جو اقرار ڪيو مقتولا عورت جي مڙس نور ڪهري موجب غيرت ۾ اچي ڪارنھن الزام ھيٺ پنھنجي زال رحانا کي گھٽا ڏئي قتل ڪيو آهي جوابدار نور ڪهري موجب قتل ڪرڻ کان پوءِ ھن سندس زال کي رسي ۾ ٻڌي ڦاھي ڏني ۽ واقعي کي خودڪشي قرار ڏيڻ لاءِ اھڙو ڊرامو رچايو ايس ايڇ او عبيدالله مبيجو موجب اسان کي اڳ ئي شڪ ھو، ان ڪري پوسٽ مارٽم رپورٽ ڪرائي، جنھن ۾ واقعو قتل ثابت ٿيو آھي، اھڙو اطلاع مقتول عورت جي والدين کي ڏنو ويو، جن قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آھي جوابدار جي انڪشاف بعد کيس عدالت ۾ پيش ڪري، سندس ٻن ڏينھن جو رمانڊ ورتو ويو آھي، واضح رھي ته جوابدار پهرين ڏينھن ئي عورت جي ٽنگيل لاش جي منھن تي پلاسٽڪ جي ٿيلھي پڻ ويڙھي ھئي، جڏھن تھ مڙس پوليس کي ٻڌايو ھو تھ زال ناراضگيءَ سبب خودڪشي ڪئي آھي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.