بلاول جي ڄام هائوس آمد، ڌاريجا ڀائر هٿ کڻي ويا

گهوٽڪي/ خانپورمهر (رپورٽ: آزاد مهر/ ميهر مهر) ڌاريجا ڀائر گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 21 تان هٿ کڻي ويا، بلاول ڀٽو جي ڄام هائوس عادلپور آمد، ڌاريجا ڀائرن سان اهم ملاقات دوران سندن خدشا ختم ڪيا ويا، ڌاريجا ڀائرن کي پنوعاقل جي صوبائي سيٽ ملندي، اليڪشن کانپوءِ صوبائي صلاحڪاري يا سينيٽر ٿيڻ جي به آڇ، گهوٽڪي، پنوعاقل جون ميونسپل ڪميٽيون ۽ عادلپور جي ٽائون ڪميٽي به ڌاريجن ڀائرن حوالي ٿيندي، خبرن موجب ڌاريجا ڀائر گهوٽڪي جي صوبائي تڪ پي ايس 21 تان دستبردار ٿي ويا آهن، جنهن بعد گهوٽڪي جي ڌاريجا ۽ مهر ڀائرن ۾ ٽڪيٽ جي معاملي تان جاري اختلاف ختم ٿي ويا، پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اختلافن جي خاتمي لاءِ هيليڪاپٽر ذريعي ڄام هائوس عادلپور پهتو، جتي هن ڌاريجا ڀائرن ڄام سيف الله ڌاريجو، ڄام اڪرام الله ڌاريجو، ڄام ظفرالله ڌاريجو، ڄام غلام قادر ڌاريجو، ميونسپل چيئرمين ڄام آصف رزاق ڌاريجو ۽ ٻين سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران اڳوڻو وڏو وزير مراد علي شاهه، اڳوڻو ايم اين اي محمد بخش مهر، سهيل انور سيال، ناصر شاهه،پ پ ضلع صدر مير بابر لنڊ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات دوران ڌاريجا ڀائرن چيو ته اسان مسلسل اليڪشنون کٽيندا رهيا آهيون ۽ مسلسل پيپلز پارٽي جو حصو رهيا آهيون، اين اي 201 تي ٿين ضمني اليڪشن ۾ به اسان مهر ڀائرن سان مقابلو ڪري محمد بخش مهر کي کٽرايو، ان وقت پ پ قيادت طئه ڪيو ته پي ايس 21 جي ٽڪيٽ اسان کي ملندي، ان کانپوءِ مڪاني چونڊن ۾ به اسان نتيجا ڏنا، گهوٽڪي جون سموريون يونين ڪائونسلون، شهر جا سمورا وارڊ ۽ ضلع ڪائونسل جا ميمبر اسان کٽرايا ۽ مخالف مهر گروپ کي بدترين شڪست ڏني، ذريعن موجب ڌاريجا ڀائرن پارٽي چيئرمين کي ٻڌايو ته مهر گروپ ڪيترائي ڀيرا پارٽي سان دوکو ڪيو آهي، پر اسان پارٽي سان هميشه ڏک ۽ سک ۾ گڏ رهياسين، هاڻي به پڪ ناهي ته مهر ڀائر ڪيترو عرصو پارٽي ۾ هوندا، پي ايس 21 تي اسان جو حق آهي، جنهن ڪري اسان ڀائرن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا آهن، اميد آهي ته اوهان هن ڀيري اسان کي موقعو ڏيندا، ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري ڌاريجا ڀائرن کي چيو ته ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته اوهان جون پارٽي لاءِ قربانيون آهن ۽ هميشه اسان سان گڏ رهيا آهيون، اسان کي هن ڀيري سنڌ صوبي سان گڏ وفاق ۾ به حڪومت ٺاهڻي آهي، جنهن ڪري سوچي سمجهي فيصلا ڪري رهيا آهيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.