لاهور ( عوامي آواز نيوز ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي ٻيهر گرفتاري بابت صدر عارف علوي جي ٽوئيٽ ذريعي ڏنل بيان تي اسٽيبلشمينٽ شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي،نامياري صحافي معظم فخر موجب اسٽيبلشمينٽ اڌ رات جو سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي ايوان صدر اماڻيو جنهن صدر عارف علوي کي انتهائي سخت پيغام پهچايو آهي، ذريعن موجب صدر علوي تي واضح ڪيو ويو آهي ته قائم مقام صدر مقرر ڪرڻ جو آپشن موجود آهي، اوهان کي سياست ڪرڻي آهي ته ڪراچي ءَ هليا وڃو، ايوان صدر جو ٽوئيٽر اڪائونٽ پنهنجن سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ کان پاسو ڪيو، صادق سنجراڻي اڌ رات جو صدر علوي کي ننڊ مان اٿاري اسٽيبلشمينٽ جو پيغام پهچائي ڇڏيو آهي