نگران وزيراعظم نئين سال جي تقريبن تي پابندي هڻي ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ نئين سال جي سڀني تقريبن تي پابندي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته فلسطينين تي  ظلم ٿي رهيو آهي، نئين سال جي آمد کي سادگي سان ملهايو وڃي، سمورا پاڪستاني مظلوم فلسطينين سان يڪجهتي جو اظهار ڪن. پنهنجي خاص پيغام ۾ انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته دعا آهي نئون سال امن جو پيغام کڻي اچي، فلسطين جي صورتحال سبب سڄي قوم ڏکاري آهي، فلسطينين لاءِ پاڪستان عالمي سطح تي آواز اٿاريندو رهندو. هن چيو ته پاڪستانين کي اپيل آهي ته نئين سال جي موقعي تي سادگي اختيار ڪن، سرڪاري سطح تي به ڪنهن قسم جي تقريب نه ٿيندي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.