اسٽيبلشمينٽ مداخلت بند ڪري، زمينون بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن: کاٻي ڌر

لاهور(خاص رپورٽر) کاٻي ڌر جي مختلف جماعتن تي ٻڌل ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ چيو آھي تھ ملڪ جي لکين ايڪڙ زمين سگھاري اداري سان لاڳاپيل ۽ پرڏيهي ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏيڻ جي فيصلي جي سخت  مذمت ۽ مخالفت ڪريون ٿا، کاٻي ڌر جون پارٽيون ان ڦرلٽ خلاف جدوجهد ڪري رهيون آهن ۽ زمينن تي قبضي خلاف هارين کي منظم ڪنديون رهنديون. اھڙن خيالن جو اظھار ھنن ڪالھھ لاھور  ۾ ريسرچ اينڊ پبليڪيشن سينٽر ۾ ٿيل اجلاس بعد لاھور پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي مزدور ڪسان پارٽي جي جنرل سيڪريٽري تيمور رحمان، عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي جنرل سيڪريٽري بخشل ٿلهو، عوامي تحريڪ جي صدر نور احمد ڪاتيار، حقوق خلق پارٽي جي صدر فاروق طارق، عوامي ورڪرز پارٽي پنجاب جي صدر عابده چوڌري، عوامي ورڪرز پارٽي گلگت بلتستان جي صدر بابا جان ۽ ٻين ڳالھائيندي چيو تھ اڄوڪي ھن اجلاس ۾ پاڪستان مزدور ڪسان پارٽي، مزدور محاذ، عوامي جمھوري پارٽي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو جي اڳواڻن بھ شرڪت ڪئي. ھنن چيو تھ جنهن طريقي سان سنڌ، گلگت بلتستان، ڪشمير، بلوچستان ۽ پنجاب جا قدرتي وسيلا ملٽي نيشنل ڪمپنين کي ڏنا پيا وڃن، ان سان نھ رڳو عوام جي معيشت تباھھ ٿي رهي آهي، پر ماحولياتي گدلاڻ کي بھ سخت نقصان پهتو آهي، اسان ڪارپوريٽ فارمنگ جي پاليسين بدران پاڪستان مان جاگيرداري ۽ سرمائيداري جي خاتمي لاءِ زرعي سڌارن جو مطالبو ڪريون ٿا. ھنن چيو تھ اھي زمينون سگھاري اداري ۽ پرڏيھي ڪمپنين کي ڏيڻ بدران مقامي بي زمين هارين کي ڏنيون وڃن تھ جيئن ٻھراڙي جي ماڻھن کي غربت مان ڪڍي سگهجي. کاٻي ڌر جي اڳواڻن چيو تھ ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ پاڪستان جي عوام کي اپيل ڪري ٿو تھ پاڪستان جي سياسي عمل ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مسلسل مداخلت جي مزاحمت ڪن، پاڪستان جي سياست ۽ معيشت ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مسلسل مداخلت جا هميشھ مجموعي طور سماج لاءِ انتهائي ناڪاري نتيجا نڪتا آهن، اسان اسٽيبلشمينٽ طرفان ڪنهن بھ سياسي پارٽيءَ تي ظلم خلاف بيٺا آهيون، تحريڪ انصاف کي پنهنجي دور ۾ آمريتي پاليسين باوجود اسٽيبلشمينٽ پاران جنهن انداز سان نشانو بڻايو ويو آهي، اهو انتهائي اعتراض جوڳو ۽ آزاد ۽ شفاف چونڊن جي ڀڃڪڙي آهي، اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت کانسواءِ چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن ۽ اسان اهو بھ محسوس ڪريون ٿا تھ 18 هين ترميم هڪ هاڪاري قدم هو، جيتوڻيڪ نامڪمل هو پر پاڪستان جي وفاق ۽ گھڻ قومي نوعيت کي بچائڻ لاءِ ان جو دفاع ڪيو وڃي. ھنن چيو تھ پاڪستان جي عوام کي آءِ ايم ايف جي پاليسين خلاف احتجاج ڪرڻ جي اپيل ڪريون ٿا، انهن پاليسين جي نتيجي ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت مسلسل وڌي رهي آهي، پرائيويٽائيزيشن، لبرلائيزيشن ۽ ڊي ريگيوليشن جي پاليسين واپاري بيلنس يا بجيٽ بيلنسنگ جي لحاظ کان ڪي بھ اهم هاڪاري نتيجا حاصل نھ ڪيا آهن. ھنن چيو تھ ليفٽ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ پي آئي اي، ريلوي ۽ اسٽيل مل جي نجڪاري جي مزاحمت ڪندو ۽ انهن يونٽن جي بحاليءَ لاءِ متبادل منصوبو پيش ڪندو، آئي ايم ايف جي اقتصادي پاليسي جمهوري يا سول ڪنٽرول جي بالادستي جي خلاف آهي، پاڪستان کي پنهنجي معاشي آزادي لاءِ وڙهڻو پوندو ۽ صرف کاٻي ڌر وٽ هڪ وفاقي جمهوري پاڪستان جي حقيقي معاشي آزادي لاءِ معاشي پروگرام آهي. کاٻي ڌر جي اڳواڻن چيو تھ ماھھ رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ بلوچ مارچ فار مسنگ پرسنز سان بدسلوڪي هڪ سنگين ۽ مجرماڻو عمل هو، جنهن اهو ثابت ڪيو آهي تھ رياست بلوچن سان ڳالهين لاءِ تيار ناهي، ان احتجاج کي دٻائڻ واري عمل بلوچن کي وڌيڪ بيزار ڪري ڇڏيو آهي ۽ سڄي بلوچ سماج ۾ احتجاج جي لهر پکڙجي وئي آهي، رياست کي گهرجي تھ فوري طور تي آپريشن بند ڪري ۽ گم ٿيل سمورن ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ گھرجي، سمورن قومي اڪاين جي ماڻھن جي جبري گمشدگين کي روڪڻ گھرجي ۽ رياست کي قانون ۽ آئين جي دائري ۾ رھڻ گھرجي، ان مسئلي جو ڪو فوجي حل ناهي. ھنن چيو تھ عالمي موسمياتي تباهي جي صورت ۾ دنيا سخت بحران کي منهن ڏئي رهي آهي، ٽين دنيا جا ماڻهو اترين معيشتن جي سرمائيداراڻي صنعتڪاريءَ جا ناڪاري ماحولياتي نتيجا ڀوڳي رهيا آهن، موسمياتي تبديليءَ سبب پاڪستان ۽ گلگت بلتستان ۾ تباهي واري ٻوڏ آئي آهي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ انهن ٻوڏن سبب متاثر ٿيندڙ 90 سيڪڙو ماڻهن کي اڃا تائين مڪمل معاوضو نھ ملي سگهيو آهي، ان کان علاوه، ڏکڻ ايشيا جا ملڪ قرضن ۾ ٻڏي ويا آهن، غريب عوام تي وڌندڙ ٽيڪس، مهانگائي ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ٿي رھيو آھي، اسين امير ملڪن جي نو آبادياتي تسلط ۽ استحصال جي پس منظر ۾ غريب ملڪن کي تاريخي تلافي جو مطالبو ڪريون ٿا، جنھن سان لٽ مار جو ازالو ٿي سگھي، اسان مطالبو ڪيون ٿا تھ امير ملڪ ۽ مالياتي ادارا فوري طور تي غريب ملڪن کان قرض جي وصولي ڪرڻ بند ڪن، غريبن بدران اميرن کان ٽيڪس ورتي وڃي، عالمي انصاف جو مان مٿاھون ٿيڻ گهرجي ۽ سرمائيداراڻو سامراجي نظام جيڪو هن بحران جو سبب بڻيل آهي اھو ختم ٿيڻ گهرجي. ھنن چيو تھ غزه تي اسرائيل جي بمباري ۽ حملي سندن سماج جي بنيادي ڍانچي کي مڪمل طور تباهھ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا نسل ڪشي آهي، اسان پاڪستاني عوام کي اپيل ٿا ڪريون تھ انهن ڪمپنين جو بائيڪاٽ ڪن جيڪي اسرائيل جي مدد ڪري رهيون آهن، فلسطين جي آزادي جي حمايت ڪريون ٿا، اسان ان ڳالھھ جي تصديق ڪريون ٿا تھ فلسطيني ٽين دنيا ۾ نوآبادي استعمار جي خلاف جدوجهد ڪري رهيا آهن، ٻين لفظن ۾ اها قومي آزاديءَ جي جدوجهد آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.