اسلام آباد ( م ڊ ) عام چونڊن 2024 جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن شڪايتي سيل اسلام آباد کي هن وقت تائين 47 شڪايتون مليون آهن، سموريون شڪايتون اڪلايون ويو ن آهن. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان موجب سياسي پارٽين، اميدوارن ۽ ٻين طرفان شڪايتون مليون. اليڪشن ڪميشن موجب هن وقت تائين مليل سموريون شڪايتون حل ڪيون ويون آهن. نامزدگي ڪاغذن بابت شڪايتون لاڳاپيل اي آر اوز ۽ ڊي اي اوز ڏانهن اماڻيون ويون. نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرائڻ جون شڪايتون لاڳاپيل آر اوز ڏانهن اماڻيون ويون. اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرائڻ جون شڪايتون حل ڪيون ويون آهن. اليڪشن ڪمشنر جو چوڻ آهي ته ڪاغذ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي جمع ڪرايا ويا آهن.