اسلام آباد ( م ڊ ) عدالت منظور پشتين جو وڌيڪ 2 ڏينهن جي جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو، اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ منظور پشتين جو وڌيڪ 2 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪيو. منظور پشتين خلاف ترنول ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾ منظور پشتين کي جڊيشل مئجسٽريٽ احمد شهزاد گوندل جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جاچ آفيسر منظور پشتين جي وڌيڪ جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.