قانون ۾ ووٽر لسٽون ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي ڪا به گنجائش ناهي:اي سي پي

اسلام آباد ( م ڊ ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (اي سي پي) اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي ووٽر لسٽون شايع نه ڪرڻ واري خبر کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب اليڪشن ايڪٽ  ۽ اليڪشن رولز ۾ چونڊ لسٽون حاصل ڪرڻ جو طريقيڪار موجود آهي، قانون ۾ چونڊ لسٽون ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي ڪا به گنجائش ناهي. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ووٽر لسٽن ۾ ووٽرن جي ذاتي ڊيٽا هوندي آهي، رياست خلاف ڪم ڪندڙ تنظيمون ان ڊيٽا جو غلط استعمال ڪري سگهن ٿيون. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 2024ع جي عام چونڊن جي حوالي سان سمورن ريٽرننگ آفيسرن کي خط جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 2024ع جي عام چونڊن جي حوالي سان ملڪي مبصرن ۽ ميڊيا جي ايڪريڊيشن ڪارڊ لاءِ ايس او پيز جاري ڪري ڇڏيا آهن. نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا جا سمورا نمائندا اڪريڊيشن ڪارڊ لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.  پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن چونڊ عمل جي مشاهدي ۽ ڪوريج لاءِ وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.