تنگواڻي ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ٺل_ڪنڌڪوٽ روڊ تي ڌرڻو، ٽائرن کي باهه

تنگواڻي(ن ع آ)تنگواڻي ۾وڌندڙ بدامني خلاف شهرين، سياسي، سماجي، اڳواڻن پاران ٺل_ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي احتجاج ڪيو ويو،کوسا برادري پاران ڊاڪٽر رياض کوسو کان موٽرسائيڪل ۽ سامان ڦر  واقعي خلاف ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، شفيق کوسو، استاد الله بخش کوسو، انور الحق ۽ ٻين پاران ڌرڻو سخت نعريبازي ڪئي، ڌرڻي ۾ ايس ٽي پي ضلعي صدر اڪرم خان باجڪاڻي، غلام حسين ڏاهاڻي، اصغر ڏاهاڻي، عوامي تحريڪ جي ربڏنوملڪ، فيض کوسو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلعي ۾ امن امان مڪمل خراب صورتحال آهي، اغوا، ڦر چوريون معمول بڻيل آهن، هنن چيو ته شريف شهرين جو جيئڻ عزاب هيٺ آهي، هنن پوليس جي اعلىٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ڊاڪٽر رياض کوسو جي ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي شهرين کي تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.