نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
اليڪشن ڪميشن نجڪاري واري وزير فواد حسن فواد خلاف داخل درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته هو نجڪاري وارو وزير آهي ۽ چونڊن تي اثرانداز نٿو ٿي سگهي.
اليڪشن ڪميشن پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فواد حسن فواد ماضي ۾ اهم عهدن تي ڪم ڪندو رهيو آهي، ان خلاف درخواست ذاتي تڪرار لڳي ٿي.
واضح رهي ته ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي نگران وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما کي عهدي تان هٽايو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.