شاهه محمود قريشي وڌيڪ 12 ڪيسن ۾ گرفتار، جڊيشل رمانڊ منظور

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پوليس تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي کي 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته عدالت سندس جسماني رمانڊ جي اپيل رد ڪري ڇڏي.
جڊيشل ڪامپليڪس ۾ ڊيوٽي ايڊيشنل اينڊ سيشن جج سيد جهانگير علي شاهه محمود قريشي جي جسماني رمانڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، پوليس اڳوڻي پرڏيهي وزير کي هٿڪڙيون لڳائي پيش ڪيو.
پراسيڪيوشن ٽيم مڪمل جاچ لاءِ 30 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي اپيل ڪندي چيو ته شاهه محمود قريشي 9 مئي تي عوام کي احتجاج لاءِ اڪسايو.
وڪيل چيو ته شاهه محمود قريشي کي ڊسچارج ڪيو وڃي، جسماني رمانڊ جو ڪو جواز ناهي، اهو ڪوڙو انتقامي ڪيس آهي، جڏهن چالان به پيش ٿي ويو ته جسماني رمانڊ ڪيئن ڏنو وڃي؟ سڄي چالان ۾ شاهه محمود قريشي جو نالو ناهي.
ان کانسواءِ 7 ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز به عدالت پهچي ويا ۽ هنن شاهه محمود قريشي جي وڌيڪ 12 ڪيسن ۾ گرفتاري وجهندي کيس جي ايڇ ڪيو، آرمي ميوزيم حملي، ڳجهن ادارن جي آفيسن تي حملي، ميٽرو بس اسٽيشن ساڙڻ سميت ٻين ڪيسن ۾ نامزد ڪندي جسماني رمانڊ گهري ورتو، هنن چيو ته سڀني ڪيسن ۾ گڏ جاچ جي اجازت ڏني وڃي.
عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي شاهه محمود قريشي جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي کيس جڊيشل رمانڊ تي اڊيالا جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.