جنگشاهي ڀرسان عوامي آواز جي رپورٽر سميت صحافين جي ٽيم يرغمال، تشدد، ڌرڻو

ڌاٻيجي/ گهارو / ڪيٽي بندر (نمائندن وٽان) بي پهچ ڳوٺاڻن جي دانهن ٻڌڻ ۽ ڪوريج لاءِ ويل عوامي آواز ميڊيا گروپ ڀنڀور ڊويزن جو انچارج مقصود جوکيو تشدد بعد ڄام هائوس ۾ يرغمال، جنگشاهي ڀرسان  ڪوهستاني ڳوٺ عارب سالار ۾ مقامي ڳوٺاڻن جي 16 ايڪڙ ايراضي زمين تي بااثر  قبضا مافيا پاران قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي، هٿياربند آڻي ڳوٺاڻن کي حراسان ڪري باهيون ڏياريون ويونم متاثر ڳوٺاڻن جي شڪايت تي ڪوريج لاءِ ويل ڌاٻيجي جي صحافين جي ٽيم کي بااثر قبضاگيرن يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻايو، انهن کان موبائيلون کسي ٽوڙي ڇڏيون، جنگشاهي ويجهو ڳوٺ عارب سالار جي رهواسي ڳوٺاڻن وزير سالار جوکيو ۽ ٻين موجب رات جو دير سان ڪوهستان 7 ڀاڱي 4 جي ساموناڻو مڪان ۾ سندن 16 ايڪڙ زمين تي بااثر شخصيتن محمد علي منڇري ۽ قمر جوکيو هٿياربندن اماڻي زبردستي قبضو ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان جي مزاحمت تي موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن اسان تي هٿيار سڌا ڪري اسانجي زمين تي زبردستي قبضي لاءِ حراسان ڪيو،ڳوٺاڻن جي شڪايت تي سينيئر صحافي مقصود جوکيو ۽ علي مصطفيٰ پنهور پنهنجي ٽيم سميت متاثر علائقي جو دورو ڪري واپس ٿي رهيا هئا ته ٻن وڏين گاڏين ۾ سوار لٺ بردارن کين روڪي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کين کنڀي جنگشاهي لڳ ڪارو جبل ۾ هڪ بااثر سردار جي بنگلي ۾ 3 ڪلاڪن تائين يرغمال رکيو، مقصود جوکيو جو چوڻ آهي ته بااثر ريتي بجري مافيا اسان تي حملو ڪيو ۽ موبائيلون کسي تشدد بعد کنڀي بااثر شخصيت جي اوطاق تي يرغمال رکيو. ريتي بجري مافيا جي قبضاگيرن جي سڃاڻپ گُلو سوڍو، سندس پُٽ جهانزيب ۽ ٻين طور ڪئي وئي. اهڙي واقعي جو صحافي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ گهارو ٿاڻي پهچي ويا، واقعي ۾ ملوث ماڻهن جي گرفتاري لاءِ صحافين سياسي سماجي اڳواڻن. شهرين ٺٽو ڪراچي روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کان پوءِ گهاري ٿاڻي تي حملو ڪندڙن گل محمد سومرو. جهانزيب سومرو سميت 4 نامعلوم ماڻهن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، گهارو پوليس ڪارروائي ڪري حملي ۾ ملوث گل محمد سومرو ۽ جهانزيب سومرو کي گرفتار ڪري ورتو، ھوڏانھن مقصود جوکيو تي ٿيل حملي ۽ تشدد کانپوءِ عوامي آواز جي ڊپٽي ايگزيڪيوٽو ايڊيٽر ناصر خٽڪ، پي ايف يو جي مرڪزي اڳواڻن خالد کوکر، لالا رحمان سمون، ايڇ يو جي صدر اقبال ملاح، جئي پرڪاش مقصود جوکيو سان رابطو ڪري يڪجھتي جو اظھار ڪيو ۽ احتجاج جو چتاءُ ڏنو ھو، اهڙي واقعي کان پوءِ ٺٽي ضلعي سميت سڄي سنڌ جي صحافين ۾ تاءُ پکڙيل ھو.

  • صحافين مٿان تشدد صحافتي آزادي مٿان وار آهي: لال جروار

حيدرآباد (پ ر) عوامي آواز جي سينيئر رپورٽر ۽ ڌاٻيجي پريس ڪلب جي صدر مقصود جوکئي سميت ٽن صحافين تي قبضا مافيا  طرفان حملو ڪري کين يرغمال ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ ڪاشف ملاح پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته زمينن تي قبضن جي ڪوريج ڪرڻ تي صحافين مٿان ٿيل تشدد صحافت جي آزادي مٿان وار برابر آهي، زمينن تي قبضن جي ڪوريج ڪرڻ جي صحافين کي آزادي هئڻ گهرجي، صحافين مٿان حملا ڪرائي صحافت کي قيد ڪيو پيو وڃي، ڪوريج ڪرڻ صحافين جو قانوني حق آهي، صحافين مٿان حملا ڪندڙ ۽ حملاآورن جي سرپرستن کي گرفتار ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.