بينظير ڀٽو جي بهادري ۽ ذهانت جا ڪجهه مثال

تحرير:شاهنواز راڄپر

جڏهن انهي ظالماڻي نظام خلاف جدوجهد ڪندڙن تي نظر پوي ٿي ته مردن کي مات ڏيندڙ عورتون ثابت قدم نظر اينديون جن پنهنجي عوام کي سوڀارو ۽ ڊڪٽيٽرن کي ڀڄائڻ لاءِ قيدخانن جون تڪليفون، اذيتون ۽ جلاوطني جون ڀوڳنائون دليري سان برداشت ڪيون ۽ پنهنجي پيارن جون قربانيون، جانين جا نذرانا ڏيئي پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيون آهن، اهڙين بهادر عورتن مان الجزائر جي جميلا بوپاشا، فرانس جي مادام جيڪولين جيڪا فرانس جي تمام وڏي گلوڪاره ۽ الجزائر جي آزادي واري تحريڪ جي ميمبر هئي، جنهن پنهنجي ئي ملڪ فرانس خلاف بيٺڪيت خلاف جدوجهد ۾ ڪيتريون ئي صعوبتون برداشت ڪيون پر پنهنجي مقصد تان نه هٽي، اڄ به الجزائر ۾ سندس نالو احترام سان ورتو وڃي ٿو. لبيا جي حورين مشتاق، فلسطين جي ليليٰ خالد، ايران جي پروين اعتصامي جنهن کي شهنشاهه ايران ڦاهي چاڙهائي ڇڏيو هو. سوڊان جي اخوري استجاب، ويٽنام لي خولان، ميانمار آنگ سانگ سوچي، بنگلاديش جي شيخ حسينا واجد ۽ پاڪستان جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو نمايان نظر اينديون. اسان جي ملڪ پياري پاڪستان اندر سنڌ ڄائي محترمه بينظير ڀٽو هڪ منفرد سياسي ڪردار رهيو آهي. سندس تعلق سنڌ جي اهم سياسي ۽ سماجي وڏ گهراڻي ”ڀٽو خاندان“ سان هو، سندس ڏاڏو سر شاهنواز ڀٽو به جهونا ڳڙهه رياست جو وزيراعظم رهي چڪو آهي، سندس والده محترمه نصرت اصفهاني ايران جي اصفهان شهر سان تعلق رکندڙ هئي تنهن ڪري سنڌ ۽ ايراني خون جي آميزش کيس دوآشته بڻائي ڇڏيو، جنهن جم کي تعليم حاصل ڪرڻ دوران شاگردي واري دور ۾ آشڪار ڪيو ۽ پنهنجي خداداد صلاحيتن ۽ ذهانت جو سڪو قائم ڪري ڏيکاريو ۽ علمي ميدان ۾ پنهنجا ڪارناما سرانجام ڏنا. جڳ مشهور تعليمي اداري آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ شاگرد اڳواڻ جي حيثيت سان پاڻ ملهايو. تعليم پوري ڪري جڏهن واپس پنهنجي ڏيهه موٽي ته ملڪ تي سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو راڄ ڪري رهيو هو جنهن پنهنجي سياسي تدبر وسيلي اهو سمجهي ورتو هو ته سندس لائق نياڻي ۾ اُهي سڀ خاصيتون موجود آهن جيڪي هڪ مدبر سياسي ليڊر ۾ هئڻ گهرجن. تنهن ڪري کيس پرڏيهي وزارت ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي معاملن کي سمجهڻ لاءِ آبزرور طور ذميواري ڏني جيڪا هن خوش اسلوبي سان نڀائي.

جڏهن وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو هندستان سان بگڙيل معاملا جيڪي 71-1970ع ۾ بنگلاديش جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ پيدا ٿيا هئا تن کي سُلجهائڻ لاءِ، جن ۾ خاص ڪري 90 هزار جنگي قيدي ۽ پاڪستان جي ڪجهه علائقن تي هندستاني قبضو ڇڏائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ سُڌارڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ جي ايجنڊا هئي. جڏهن ڀٽو صاحب هندستان هڪ وفد وٺي ويو پئي ويو جنهن ۾ محترمه بينظير ڀٽو به مبصر طور شامل هئي.جولاءِ 1977ع ۾ ڀٽو صاحب جي چونڊيل حڪومت تي راتاهو هنيو ويو، پيپلزپارٽي ۽ ڀٽو خاندان تي ڏکيا ڏينهن آيا، جن کي محترمه بينظير ڀٽو ۽ سندس والده بيگم نصرت ڀٽو نهايت ئي جوان مردي ۽ دليري سان منهن ڏنو. قيدِ تنهائي جي اذيتن کان جلاوطني جون دربدريون، سندن اڪائونٽ بند ڪيا ويا، اهڙين مشڪلاتن کي به منهن ڏنو، جڏهن ته سندس پيارو ڀاءُ مير شاهنواز ڀٽو فرانس جهڙي ملڪ ۾ هڪ سازش تحت ماريو ويو پر هن آمريت آڏو جهڪڻ بدران ضيائي آمريت کي هن طرح للڪاريو ته:

جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻي پنڌ ۾

ڪو آگا جو نينهنُ، ٻانڀڻَ ٻروچن سين. (شاهه)

جيتوڻيڪ ضياءُالحق ان وقت جنهن مهل محترمه بينظير ڀٽو شهيد شاهنواز ڀٽو جو مڙهه فرانس مان کڻائي پنهنجي ملڪ پهتي هئي ته ضياءُالحق بيان ڏنو هو ته: ”ماضي جون تلخيون وساري ملڪ جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪريون“ پر بينظير صاحبه آمريت جي خلاف ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان پنهنجي جدوجهد جاري رکي نيٺ اُها ڪاري رات جيڪا 11 سالن جي طويل اونداهي کان پوءِ ختم ٿي، 1988ع ۾ سندس پارٽي عام چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻي ۽ محترمه بينظير ڀٽو اسلامي دنيا جي پهرين خاتون وزيراعظم جو لقب ماڻي ملڪي حڪومت جون واڳون سنڀالي ورتيون.

سندس دليري، بهادري ۽ ذهانت جا ڪيئي مثال آهن جن جا سندس مخالف به معترف آهن. ان وقت جو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل مرزا اسلم بيگ پنهنجي هڪ ٽي وي انٽرويو ۾ اهو اعتراف ٿو ڪري ته ”هوءَ عورت هئي پر مردن کان بهادر هئي، هڪ ڀيري انٽيليجنس رپورٽ آئي ته انڊيا پاڪستان جي ايٽمي اثاثن کي تباهه ڪرڻ جي تياري ڪري چڪو آهي ۽ ڪنهن به وقت حملو ڪري سگهي ٿو، وزيراعظم صاحبه فوري طور چيفس جو اجلاس سڏايو ۽ سڀني کي لکت ۾ حڪم ڏنو ته ويڙهه جي لاءِ فوري تيار ٿي وڃو، هوائي فوج جي سربراهه کي لکت ۾ حڪم ڏيندي چيائين ته اوهان هن ئي وقت هندستان جي سمورن هوائي اڏن تي حملو ڪري انهن کي تباهه ڪري اچو، اسان هندستان جي حملي جو انتظار نٿا ڪري سگهون، ان کان پهريان ئي دشمن جي ڪمان ٽوڙي وڃي، ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ هڪ ٻي رپورٽ آئي ته انڊيا حملي وارو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهڙي صورتحال ناهي جنهن ۾ پاڪستان کي اڳرائي جي ضرورت پوي ته پوءِ اسان کي به حملي کان روڪيو ويو.“ ٻئي هنڌ ذڪر ڪندي جنرل رٽائرڊ بيگ صاحب چوي ٿو ته: ”اڄ تائين ڪو پاڪستان جو مرد وزيراعظم سياچن جي محاذ تي نه ويو آهي، بينظير ڀٽو اها پهرين خاتون وزيراعظم هئي جنهن سياچن جو دورو ڪيو ۽ ڪجهه وقت فوجي جوانن سان گڏ گذاريو ته ايتري ۾ سندس ساهه گهٽجڻ لڳو ۽ کيس ساهه کڻڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي هئي، اسان کيس مشڪل سان واپس هلڻ تي راضي ڪيو.“

سندس حڪومت دوران حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ هڪ لساني تنظيم سنڌين جو قتلام شروع ڪري ڏنو هو، ان حد تائين جو حيدرآباد شهر جي مختلف پاڙن مان انهي سفاڪ تنظيم سنڌي عورتن جي بي حرمتي ڪرڻ کانپوءِ انهن جي ڇاتين ۽ ٻين جاين تي بليڊن سان چهڪ ڏئي سندن تنظيم جا نالا لکيا هئا، ان وقت سنڌ جي انهن تنظيمن جو اهو حال هو جو اُتي سنڌي ماڻهن جو سهارو ۽ ڀرجهلو ٿيڻ بجاءِ سنڌي ماڻهن کي انهن پاڙن مان لڏائي ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حدن ۾ پناهگير ڪري رهايو، هڪ ٻي سنڌي تنظيم جا جوڌا ٺرو پي رات جو انهن ستايل سنڌين جي عورتن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندا هئا.

محترمه بينظير ڀٽو کي جڏهن اها خبر پئي ته هوءَ حيدرآباد آئي، سندس پارٽي جي عورت ميمبرن ساڻس انهن متاثر ٿيل سنڌي عورتن کي ملايو جن جو حال ڏسي پاڻ تي ضبط ۽ ڪاوڙ جي باوجود ڳوڙها روڪي نه سگهي جڏهن ان حساس معاملي تي ايڪشن لاءِ ميٽنگ سڏائي وئي ته قانون لاڳو ڪندڙ اداري نه صرف انڪار ڪيو پر کيس اها ڌمڪي ڏني ته اهڙي ايڪشن سان توهان جي حڪومت به ختم ٿي سگهي ٿي؛ ته سندس جواب هو ته:

”توڻي لڱين لائيين، چيري چيري چم

مون ڪُرِ اڳ نه ڪِئو، اهڙو ڪوجهو ڪم

جان جان دعويٰ دم، تان تان پرت پنوار سين. (شاهه)

پوءِ محترمه پوليس ذريعي پڪي قلعي جو آپريشن ڪرايو، جنهن جي ڪمانڊ ان وقت جو پوليس آفيسر دين محمد بلوچ ڪري رهيو هو، ٿيو به ايئن ئي جو جمهوري حڪومتن جي خاتمي لاءِ تارا مسيح وارو ڪردار ادا ڪندڙ غلام اسحاق خان سندس حڪومت ختم ڪري ملڪ اندر هڪ آئيني بحران واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. سندس حڪومت جو ٻيو دور آڪٽوبر 93ع کان جولاءِ 96ع تائين رهيو.

1999ع ۾ چوٿون ڀيرو ملڪ جون واڳون هڪ ڀيرو ٻيهر ڊڪٽيٽر پرويز مشرف سنڀاليون ۽ ان جي ئي حڪومت دوران محترمه بينظير ڀٽو ملڪ کان ٻاهر هلي وئي. 8 سالن جي جلاوطني کانپوءِ 18 آڪٽوبر تي ملڪ واپس آئي پر واپس اچڻ کان کيس روڪيو ويو ته توهان جي سلامتي کي خطرو آهي، جنهن جي هُن ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ ڪراچي ايئرپورٽ تي اچي پهتو، سندس استقبالي جلوس تي ڪارساز وٽ خودڪش حملو ڪرايو ويو جنهن ۾ هوءَ پاڻ ته محفوظ رهي پر سندس جانثار ورڪرن جو وڏو انگ مٿس قربان ٿي ويو.

آخر ڊسمبر جو اهو اڀاڳو ڏينهن 27 ڊسمبر ، 12، 2007 نمودار ٿيو جنهن هن ملڪ جي ماڻهن کان پنهنجو محبوب ليڊر هڪ گهري سازش تحت کسي ورتو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي زندگي مسلسل جدوجهد جو نالو آهي، ساڍا 7 سال هن اقتدار ماڻيو باقي زندگي علم حاصل ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جو راڄ ۽ عوام جي سُک لاءِ جدوجهد ڪندي گذاري. ان دوران کيس مشڪلاتون پيش اينديون رهيون پر بقول لطيف سائين جي ته:

مُنڌَ نه مَنجَھان تَنِ پَسِي لَڪَ لُڏَنِ جَي،

جَا پَرِ کَاهَوڙِيَنِ، سا پَرِ سِکِي سَسُئيءَ۔  (شاھ)

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.