نگران سرڪار ڪارونجھر جي ڪٽائي لاءِ بضد ڇو ؟

ھونئن ته سنڌ جي وسيلن جي ڦرمار ڪا نئين ڳالھه ناھي، اھو سلسلو مني صدي کان هلندڙ آھي، جنھن ۾ گھٽتائي اچڻ جي بدران ڏينھون ڏينھن تيزي ايندي رھي ٿي. سنڌ جي اقتصادي وسيلن مان جيترو ناڻو ڪمايو وڃي ٿو، جيڪڏھن ان جو  ٿورو حصو به سنڌ جي ترقياتي ڪمن، تعليم ۽ صحت تي خرچ ڪيا وڃن ته ھوند سنڌ جي ماڻھن جي زندگي ٺھي وڃي ھا ۽ سندن جيئڻ سھنجو ٿي پوي ھا، پر ھتي ان ڳالھه جو ڪو به خيال نٿو رکيو وڃي،  روڊ رستا، اسڪول ۽ اسپتالون ٺاھڻ ته رھي پري جي ڳالھه پر مقامي ماڻھن کي روزگار به نٿو ڏنو وڃي، جنھن تي سڀني کان پھريان انھن جو حق ھجي ٿو، سندن اھو حق غضب ڪيو ويندو آهي.

حق تلفين سبب ننڍن صوبن جو عوام احساس محرومي جو شڪار آھي، جن جي شڪايتن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ ۽ انھن جو ازالو ڪرڻ جي بدران مٿن مختلف نوعيت جا الزام ھنيا وڃن ٿا، جھڙي طرح تازو  معدنيات جي صوبائي نگران وزير خدا بخش مري ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي جي مخالفت ڪندڙن کي ملڪ دشمن ڪوٺيو آھي، جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سندس ان بيان سان ھزارين فطرت سان پيار ڪندڙ محب وطن، سياسي سماجي ماڻھن  جي دل آزاري ٿي آھي. ان رويي ۽ بيان اڳ ۾ به ملڪ کي ناقابل تلافي نقصان رسايو آھي.

نفرت جوڳا بيان جاري ڪندڙ شخص کي ڪنھن به منصب تي ويھڻ جو ڪو به اخلاقي حق ناھي، ڇو ته ھڪ ذميدار ۽ اھم منصب تي ويٺل شخص کي ان قسم جو غير ذميداراڻو ۽ تڪراري بيان ڏيڻ نه گھرجي ھا، ان سان قومن ۾  ويڇا وڌندا آھن ۽ منجھن تضاد پيدا ٿيندا آھن، جيڪي اڳتي ھلي قومي ايڪي لاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندا آھن. خدا بخش مري جي لاعلمي جو عالم اھو آھي ته کيس اھا به خبر ناھي ته حب الوطني ڇا ٿيندي آھي ۽ غداري ڇا ھوندي آھي؟ محب وطن ماڻھو پنھنجي ملڪ جي ھر شيءِ سان جنون جي حد تائين پيار ڪندو آھي،  ڀلا قدرتي شاھڪار جي تباھي ڪو محب وطن چاھيندو يا غدار؟

ان ڳالھه جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته غدار ڪير آھي ۽ محب وطن ڪير آھن.

جيئن جيئن نگران سرڪار جو مدو ختم ٿيڻ جي ويجھو اچي رھيو آھي، تئين تئين اھا سنڌ جون زمينون ۽ وسيلا کپائڻ لاءِ جلد بازي ڪندي نظر اچڻ لڳي آھي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ اھا ڪنھن جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ ٿي چاھي.

نگران سرڪار جي ذميداري اھا ھوندي آھي ته  نئون حڪومتي سيٽ اپ جڙڻ تائين اھا غير سياسي ۽ غير جانبدار رھي ۽ شفاف چونڊون ڪرائي اقتدار عوامي نمائندن جي حوالي ڪري پر    موجوده نگران حڪومت پنھنجي اختيار ۽ حدن کان گھڻو ٻاھر نڪري وئي آھي، جنھن ڪجھه وقت اڳ سنڌ جي پنجاھه ھزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين ڀڳڙن مٺ تي مختلف ڪمپنين ۽ ادارن جي حوالي ڪري ڇڏي ۽ ھاڻ ھزارين ماڻھن جي احتجاج کي نظرانداز ڪندي ڪارونجھر جبل جي ڪٽائي تي بضد آھي.

نگران حڪومت ڪارونجھر ڪيس کٽڻ لاءِ مھانگو وڪيل مقرر ڪري سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد جي فيصلي جي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل دائر ڪئي ھئي. ياد رھي ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد برانچ ڪارونجھر کي ورلڊ ھيريٽيج قرار ڏئي ان جي ڪٽائي کي روڪڻ ۽ اتي ڪمرشل سرگرميون ختم ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ھو. سپريم ڪورٽ پڻ ٻڌڻي دوران سنڌ ھاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آھي. نگران حڪومت کي گھرجي ته ڪارونجھر جي ڪٽائي واري ھوڏ تان لھي وڃي، ڇاڪاڻ ته ڪارونجھر محض جبل ناھي پر اھو فطري، ثقافتي ۽ تاريخي ورثو پڻ آھي، جنھن سان ھزارين ماڻھن جو جذباتي لڳاءُ آھي.

  • اسلام آباد ۾ احتجاج ڪندڙ بلوچن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي

نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ويٺل بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جي ماڻھن جو چوڻ آھي ته رات جي وڳڙي ۾ اڻ ڄاتل ماڻھون ڪئمپ تي اچي ھراسان ڪيو، اھي ڪئمپ تان بينر لاھي اتي رکيل لائوڊ اسپيڪر به ساڻ کڻي ويا.

بلوچستان ۾ جاري عدالتن کان مٿاھان قتل ۽ جبري گمشدگين جي خلاف بلوچ يڪجھتي ڪميٽي پاران تربت کان نڪتل لانگ مارچ کي اول ته اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ويو ھو ۽ ان کان پوءِ مٿن شيلنگ ۽ لٺبازي ڪري ڪيترن ئي ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو، جنھن ۾ عورتون به شامل ھيون، بلوچ يڪجھتي ڪميٽي جو چوڻ آھي ته اسلام آباد پوليس عدالتي حڪم جي باوجود به گرفتار ڪيل ماڻھن کي ھن وقت تائين آزاد ناھي ڪيو.

تشدد ڪنھن به مسئلي جو حل بلڪل به ناھي، تشدد سان صرف تباھي ئي ايندي آھي، جيئن باھه کي باھه سان اجھائي نٿو سگھجي، تئين تشدد سان تشدد کي ختم ڪري نٿو سگھجي، ان لاءِ  بلوچستان معاملو طاقت وسيلي نه پر ڳالھين ذريعي ئي حل ڪري سگھجي ٿو، ڇاڪاڻ ته طاقت جي ذريعي ھزارين ماڻھن جي آواز کي دٻائڻ نه اڳ ۾ ممڪن ھو ۽ نه ئي ھاڻوڪي جديد دور ۾ به ممڪن آھي. بلوچستان معاملو عالمي اشو بڻجي ويو آھي، عالمي ميڊيا ان معاملي کي ھاءِ لائيٽ ڪرڻ شروع ڇڏيو آھي، ان کان اڳي جو عالمي قوتون ان معاملي ۾ مداخلت ڪن، اسان کي سوچ، سمجهھ ۽ فھم سان اھو معاملو حل ڪرڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.