”گهڻن کي اسان ڀي روئاري وينداسين“

تحرير: غلام فريد هاليپوٽو

سنڌ جي سر زمين ڪيترن ئي مهان ڪلاڪارن کي جنم ڏنو آهي جن سنڌ جو نالو سڄي دنيا ۾ راڳ جي دنيا ۾ متعارف ڪرايو آهي انهن ۾ علڻ فقير، فقير عبدالغفور،  ڍول فقير، استاد محمد جمن، استاد محمد يوسف سميت ٻين فنڪارن پنهنجي آواز جي جادوءَ سان پوري سنڌ ۾ مڃتا ماڻي آهي انهن ۾ پريالوءِ جو هڪ نوجوان رحمان مغل اڀري اچي ٿو. ڪاليج جي فنڪشنن ۾ ڳائيندي ڳائيندي نوجوانن ۾ مقبوليت ماڻي ٿو وٺي ۽ سڄي سنڌ جو محبوب راڳي بڻجي ٿو وڃي ۽ رحمان مغل مان سرمد سنڌي طور متعارف ٿئي ٿو.

رحمان مغل 7 جولاءِ  1961ع تي پريالوءِ جي هڪ غريب گهراڻي ۾ جنم ورتو ننڍپڻ ۾ پنهنجي پيءَ  سان گڏ اٽي جي چڪي تي ويهندي خيرات وٺڻ ايندڙ جوڳين جي مرليءَ  کام متاثر ٿئي ٿو مرليءَ  جي ڌن کي هنئين ۾ هنڊائي پنهنجي منهن جهونگارڻ شروع ڪري ٿو ۽ پوءِ  ڪاليج جي دنيا ۾ داخل ٿيندي باقاعدي ڪاليج جي فنڪشنن ۾ ڳائڻ شروع ٿو ڪري ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور مان ٽيڪنالاجيءَ  جي ڊگري حاصل ڪري ڪري ايڇ ڊي اي ۾ ملازم ٿئي ٿو ۽ پوءِ  ڪي ڊي اي ۾ انجينئر ٿئي ٿو .

سرڪاري نوڪري تي هئڻ باوجود سر ۽ سنگيت سان لنئون لڳل ٿي رهيس هيءَ  هر محفل ۽ پروگرام جو حصو بڻجي ٿو وڃي سرمد سنڌي نوجوانن جي دلين ۾ ساھ سان گڏ ڌڙڪندو هو هر گهر گهٽي ڳوٺ هر واهڻ هر وستيءَ  ۾ سرمد جو لازوال ۽ امر خوبصورٿ آواز گونجڻ لڳو. سرمد سنڌي نه صرف وڏو ڪلاڪار هو پر انتهائي گهڻ پاسائين شخصيت جو مالڪ هو هو بهترين دوست بهترين راڳي بهترين انسان فرمانبردار پٽ توڙي انتهائي پيار ڪندڙ پيءُ  به هو، سرمد جي لاءِ  اڄ هر دوست اها دعوي ٿو ڪري ته هو صرف منهنجو دوست هو هو ڪنهن جو ڪنهن جو دوست هو ڪنهن کان پڇجي.

سرمد سنڌي جو هڪ ڀيرو اڳ به ايڪسيڊنٽ ٿيو هو پر کيس سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جي دعائن بچائي ورتو هو هي ڪجھ عرصي لاءِ  ڄنگهن کان معذور به ٿي ويو هو پر پوءِ  به هي پنهنجي عشق کي روڪي نه سگهيو هو ويل چيئر تي پنهنجو پاڻ کي کڻائي وڃي محفلن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو هو. هڪڙي ڀيري ته محفل ۾ ڳائيندي اهڙو ته جنون اچي چڙهيس جو ويل چيئر تان اٿي بيهي ڳائڻ لڳو هو اهو هو سرمد جو سنڌ سان لازوال عشق. اڳتي هلي سرمد سنڌي ڳايو ته

جڏهن هن دنيا مان گذاري وينداسين

گهڻن کي اسان ڀي روئاري وينداسين

هو واقعي پوري سنڌ کي روئاري ويو 27 ڊسمبر 1996ع جو ڏينهن سنڌ جي ڀاڳ ۾ هڪ نڀاڳ جي لهر کڻي آيو جنهن سرمد جهڙو سدا بهار راڳي کسيو سنڌ کان سنڌ جي درد جي ترجماني ڪندڙ آواز کسيو هو هي هن دنيا ۾ رهيو ئي ڪيترو 35 سال به ڪا زندگي آهي اها به جهڙي سداحيات آواز جي جادو جاڳائيندڙ لاءِ  جنهن وٽ عظيم کان عظيم مقصد سنڌ اول هجي

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.