پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان بحال ٿيو آهي، چونڊ ملتوي ٿي سگهي ٿي: منظور وساڻ

خيرپور (م ڊ )پيپلز پارٽي جي سينئر اڳواڻ منظور حسين وساڻ چيو آهي ته عدالت پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان بحال ڪيو آهي، اليڪشن ملتوي به ٿي سگهي ٿي. خيرپور جي قومي تڪ اين اي 202 ۽ ڪوٽڏيجي جي صوبائي تڪ پي ايس 27 تي پ پ اڳواڻ منظور وساڻ جا نامزدگي ڪاغذ منظور ٿي ويا. رٽرننگ آفيس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي منظور وساڻ چيو ته نون ليگ، جي يو آءِ ۽ ايم ڪيو ايم پاران گڏجي چونڊ وڙهڻ جا امڪان گهٽ نظر پيا اچن، پيپلزپارٽي ڪراچي مان 8 کان 9 سيٽون کٽي وٺندي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني ۽ سندس جماعت پي ٽي آءِ ٻئي اليڪشن ۾ نظر نه ايندا، عدالت پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان بحال ڪيو آهي، اليڪشن ملتوي به ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.