ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي منصوبي ”ڪي فور“ جي ٺيڪن ۾ بي قاعدگين جو انڪشاف

ڪراچي (م ڊ) ڪراچي کي پاڻي جي فراهمي جي منصوبي ڪي فور جي ٺيڪن ۾ سنگين بي قاعدگين جو انڪشاف ٿيو آهي، رپورٽ موجب نيب جي اکين کان بچڻ جي لاءِ 27 ارب رپين جي منصوبي کي 9 ٽڪرن ۾ ورهايو  ويو، ان ۾ ڪلري بگهاڙ فيڊر کي پختو ڪرڻ جي لاءِ 27 ارب رپين جا ٺيڪا من پسند ماڻهن کي ڏنا ويا، بي قائدگين جي انڪشافن تي نگران سنڌ سرڪار ڪلري بگهاڙ جي ٺيڪي جو عمل رد ڪري ڇڏيو، سرڪاري دستاويزن موجب من پسند ٺيڪيدارن کي نوازڻ جي لاءِ پروجيڪٽ کي 9 حصن ۾ ورهايو ويو هو، آبپاشي سيڪريٽري، سيپرا عملدار ۽ سنڌ سرڪار بي قائدگين جو نوٽيس ورتو آهي، ٺيڪي جي عمل کي رد  ڪندي لاڳاپيل عملدارن ۽ پروجيڪٽ ڊائريڪٽر جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر حاجي خان جمالي کي چيف سيڪريٽري سنڌ شوڪاز نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ سرڪار موجب قانون کي نظر ۾ رکندي اهم ترين منصوبي جو ٺيڪو جلد ئي ڏنو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.