نئين سال جي آمد تي فائرنگ ڪندڙن مٿان ڪيس داخل ٿيندو: ڪراچي پوليس

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي پوليس جي چيف خادم حسين رند اعلان ڪيو آهي ته نئين سال جي آمد جي موقعي تي فائرنگ ۽ وڳوڙ ڪندڙن خلاف قتل جي ڪوشش جو  ڪيس داخل ڪيو ويندو، خادم حسين رند نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ متعلق وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ته نئين سال جي خوشي پوري دنيا ۾ ملهائي ويندي آهي پر اسان وٽ ان رات جو هوائي فائرنگ ڪئي ويندي آهي ۽ وڳوڙ ڪيا ويندا آهن، فائرنگ جي واقعن ۾ بيگناهه ماڻهو مارجي ويا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيندا آهن، نئين سال جي موقعي تي پوليس طرفان سخت قدم کنيا ويا آهن، شهري بلڪل خوشي ملهائن پر هوائي فائرنگ يا وڳوڙ ڪندي جنهن کي ڏٺو ويو ته قتل جي ڪوشش جو ڪيس دادخل ڪيو ويندو، نئين سال جي آمد جي موقعي تي هوائي فائرنگ ۽ وڳوڙن کان پاسو ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.