نئين سال جو تحفو، پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان

اسلام آباد (م ڊ) عوام لاءِ سٺي خبر آهي ته پهرين جنوري 2024 کان پيٽرول سستو ٿيڻ جو امڪان آهي. نئين سال جي شروعات  تي عوام کي رليف ملڻ جو امڪان آهي ۽ پهرين جنوري کان ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽرول جي اگهه ۾ لاٿ ٿي سگهي ٿي.ذريعن موجب پهرين جنوري کان پيٽرول جي قيمت ۾ معمولي لاٿ ڪري سگهجي ٿي، پيٽرول هڪ رپيو 72 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي پر اءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ هڪ رپيو في ليٽر تائين واڌ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت اوگرا جي تجويز ڪيل سمري تي نگران وزيراعظم جي مشاورت سان فيصلو ڪندي.

  • شاهه محمود قريشي آزاد نه ٿيو، نظر بندي جو حڪم

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي ڊپٽي ڪمشنر تحريڪ انصاف اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم جاري ڪري  ڇڏيا. تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي نظربندي جا حڪم ڊي سي راولپنڊي جاري ڪيا، جيڪي پنڊي پوليس چيف جي سفارش تي جاري ڪيا ويا آهن..ڊي سي جي حڪمن ۾ چيو ويو آهي ته شاهه محمود قريشي 9 مئي جي ڪيسن ۾ نامزد آهي ۽ پڇا ڳاڇا ضروري آهي، تنهن ڪري نظربندي جا حڪم جاري ڪيا وڃن ٿا.واضح رهي ته سائفر ڪيس ۾ عمران خان جي شريڪ جوابدار شاهه محمود قريشي جي سپريم ڪورٽ ضمانت منظور ڪئي هئي، سندس وڪيلن ضمانتي مچلڪا جمع ڪرايا، جنهن کانپوءِ شاهه محمود قريشي جي جيل مان آزادي جو امڪان هو. .

  • اليڪشن ڪميشن  جي اجازت کانپوءِ سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون

ڪراچي (رپورٽر ) اليڪشن ڪميشن  جي اجازت کانپوءِ سنڌ پوليس ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهي. نوٽيفيڪشن  موجب پرنسپل ٽريننگ سينٽر شھدادپور ساجد امير سدزوئي کي بدلي ڪري ايس ايس پي ڏکڻ زون ڪراچي مقرر ڪيو ويو، قمر رضا جسڪاڻي کي بدين ضلعي مان بدلي ڪري ايس ايس پي جيڪب آباد، ايس ايس پي عامر عباس شاھه کي جيڪب آباد مان بدلي ڪري سي پي او رپورٽ ڪرڻ جي حڪم ڏنو ويو. نوٽيفيڪشن موجب بشير احمد بروھي کي ايس ايس پي ڪشمور ۽ مير روحل کوسو کي ايس ايس پي بدين مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سھائي عزيز ٽالپر کي ايس ايس پي نوشھروفيروز مقرر ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي عابد بلوچ کي سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، زبير نظير شيخ کي ايس ايس پي سکر مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته ايس ايس پي عرفان علي سمون کي سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، محمد ڪليم کي ايس ايس پي قمبر ايٽ شھداد ڪوٽ مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته  اتان بدلي ڪيل  محمد آصف رضا کي سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سيد علي اصغر شاھه کي ايس ايس پي مٽياري مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايس ايس پي نور الحق رند کي سي پي او ڪراچي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

  • منهنجي حامين ۽ مددگار کي گرفتار ڪيو ويو آهي: زرتاج گل

ڊي جي خان ( م  ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ زرتاج گل الزام هنيو آهي ته سندس حامين ۽ مددگارن  کي گرفتار  ڪيو ويو آهي. ڊيرا غازي خان مان جاري ڪيل بيان ۾ زرتاج گل چيو ته منهنجي خلاف ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن ۽ منهنجي وڪيلن کي حراسان ڪيو پيو وڃي. ن ليگ اڳواڻ وڌيڪ چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سپريم ڪورٽ اسان سان انصاف ڪري، منهنجا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا وڃن.

  • ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت حاصل ڪندي: لطيف کوسو

ڪراچي ( م ڊ ) پنجاب جي اڳوڻي گورنر ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ سردار لطيف کوسي چيو آهي ته پي ٽي آءِ کانسواءِ چونڊون ممڪن ناهن. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي لطيف کوسي چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪندي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي باني جي نااهلي واري فيصلي خلاف اڄ سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪنداسين. سردار لطيف کوسو وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته پي ٽي آءِ جي باني جي نااهلي ختم ٿي ويندي، پي ٽي آءِ کانسواءِ چونڊون ممڪن ناهن. اميد ته عدالتون آئين جي پاسداري ڪنديون.

  • نيپرا سي پي پي اي جي بجلي اگهن ۾ واڌ واري درخواست تي اڄ ٻڌڻي ڪندي

اسلام آباد ( م ڊ ) فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ بجلي جي قيمت ۾ 4 رپيا 66 پئسا في  يونٽ واڌ جي معاملي تي نيپرا اڄ بجلي جي اگهن ۾ واڌ بابت سي پي پي اي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندو. نيپرا جو چوڻ آهي ته سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي بجلي جي اگهن ۾ واڌ جي درخواست ڪئي آهي. نيپرا موجب نومبر جي فيول پرائز ايڊجسٽمينٽ جي درخواست ڪئي وئي آهي. سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي (سي پي پي اي) جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نومبر ۾ 7 ارب 28 ڪروڙ يونٽ بجلي وڪرو ڪئي وئي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته نومبر ۾ هائيڊرو مان 36.50 سيڪڙو ۽ مقامي ڪوئلي مان 13 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي، جڏهن ته نومبر ۾ درآمدي ڪوئلي مان 6.44 سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي. سي پي پي اي جي درخواست موجب 9.21 سيڪڙو بجلي گهريلو گئس ۽ 10.57 سيڪڙو درآمد ٿيل ايل اين جي مان پيدا ڪئي وئي. نومبر ۾ 20.83 سيڪڙو بجلي ايٽمي ذريعن مان پيدا ڪئي وئي. سي پي پي اي جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نومبر ۾ تيل جي في يونٽ قيمت 9 رپيا 44 پئسا في يونٽ هئي. درخواست ۾ چيو ويو ته نومبر ۾ بجلي جي في يونٽ قيمت جو ڪاٿو 4 رپيا 78 پيسا هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.