لاهور (عوامي آواز نيوز) تحريڪ انصاف جا سياسي فيصلا اڃان تائين عمران پراجيڪٽ جا بانيڪار ڪري رهيا آهن، نامياري تجزئي نگار سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته ان حوالي سان انتهائي سينيئر ۽ باخبر صحافي نصرت جاويد پنهنجي ڪالم ۾ اشارو ڏنو آهي ته پي ٽي آءِ جا 2434 اميدوار نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن، اها رٿابندي چڪوال ۾ ٿي آهي. اصل ۾ نصرت جاويد جو اشارو جنرل (ر) فيض حميد طرف آهي.رٿابندي اها به ڪئي وئي آهي ته 8 فيبروري پولنگ ڏهاڙي نوجوانن کي واٽس ايپ سميت سوشل ميڊيا تي متحرڪ ڪيو ويندو. جڏهن ته نوجوانن کي موٽرسائيڪلن تي پي ٽي آءِ جا جهنڊا کڻي روڊن تي نڪري پارٽي جي حق ۾ نعرا هڻڻ لاءِ سرگرم ڪيو ويندو. نتيجا اچڻ کان اڳ ئي سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ جي ڪاميابيءَ چونڊن کي تڪراري بڻائڻ جي مهم هلائي ويندي. صحافي عمران شفقت جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ اندر به اڃا عمران جي عشق ۾ مبتلا ماڻهون موجود آهن. جيڪي بظاهر ته نظم ضبط جي پابندي ڪري رهيا آهن، پر دلي ۽ دماغي طور پي ٽي آءِ جا حامي آهن. ان ڪري هڪ ته جنرل (ر) فيض حميد کي قابو ڪرڻ گهرجي ۽ اداري اندر به اڃا صفائي ڪرڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ سياسي غير يقينيءَ جو خاتمو اچي نه سگهندو.