ايم ڊي ڪيٽ پيپر ليڪ معاملو، ٻيهر ٽيسٽ وٺڻ جون درخواستون رد

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پيپر ليڪ ڪيس ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ٻيهر ڪرائڻ بابت شاگردن جون سموريون درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن . ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جو رجسٽرار، پي ايم ڊي سي جو وڪيل  ۽ شاگرد عدالت ۾ پيش ٿيا، ميڊيڪل ٽيسٽ ۾ فيل شاگردن جو وڪيل عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو . پي ايم ڊي سي جي وڪيل ذيشان احمد دليل ڏيندي چيو ته گيز پيپر پهريان به ايندا آهن، پهرين پيپر ليڪ ٿيو جنهن جي جاچ لاءِ ايگزيڪيوٽو پاران ڪميٽي جوڙي وئي آهي. وڪيل دليل ڏنا ته ڪي پي ۾ شاگرد ڪاپي ڪندي پڪڙجي پيا ته اتان جي حڪومت ايف آءِ آر ڪٽرائي شاگردن کي گرفتار ڪرايو، هتي شاگرد چون ٿا ته ٻيهر ٽيسٽ ڪرايو، آخر ڪيستائين شاگرد ٽيسٽون ڏيندا رهندا؟ ٽيسٽ پاس ڪندڙ شاگردن جو مستقبل داءَ تي لڳل آهي .چيف جسٽس عقيل احمد عباسي سوال ڪيو ته پيپر ليڪ ٿيڻ بابت حڪومت ڪهڙو قدم کنيو آهي، ٻارن جي مستقبل جو مسئلو آهي. درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته گذريل ٽيسٽ ۾ پيپر ليڪ ٿيڻ تي جي آءِ ٽي جو فيصلو آيو پر ڪنهن جي به خلاف ڪارروائي نه ٿي ايڊيشنل ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اصلي پيپر نه پر گيس پيپر ليڪ ٿيو آهي، درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته 12-12 لک روپين ۾ پيپر وڪرو ٿيو آهي چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته 41 هزار اميدوارن ٽيسٽ ڏني، ان مان هڪ سئو ماڻهن فائدو ورتو هوندو، توهان ڇا ٿا چاهيو ٻارن جي داخلا نه ٿئي؟  درخواست گذارن جي وڪيل چيو ته اسان ميرٽ تي داخلا چاهيون ٿا، چيف جسٽس چيو ته ٻارن کي بيوقوف بڻائڻ جون ڳالهيون نه ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.