ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت اڄ صوبي ۾ موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. سنڌ جي نگران وڏي وزير جي ترجمان موجب جسٽس (ر) مقبول باقر اڳوڻي وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جي منظوري ڏني آهي. ترجمان ٻڌايو ته 27 ڊسمبر تي سمورا سرڪاري ۽ نجي ادارا، لوڪل ڪائونسلز ۽ صوبائي حڪومت جون انتظامي آفيسون بند رهنديون. .
-
شهيد بينظير آزاد ۽ خودمختيار پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪئي: آصف زرداري
ڪراچي ( رپورٽر) اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي سربراهه صدر آصف علي زرداري شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت جي ڏهاڙي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته محترمه بينظير ڀٽو سندس مشن موجب آزاد ۽ خودمختيار پاڪستان لاءِ جدوجهد ڪئي، پارليامينٽ کي بااختيار بڻايو. آئين جي حڪمراني جاري رهندي، اڳوڻي صدر چيو ته ملڪ مان غربت، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي جو خاتمو محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو مشن هو ۽ ان مشن کي مڪمل ڪرڻ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اولين ترجيح آهي. آصف علي زرداري چيو ته اُهو وقت پري ناهي جڏهن محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو پاڪستان سياسي، سماجي ۽ معاشي استحصال کان آزاد ٿيندو. اڳوڻي صدر چيو ته محترمه بينظير ڀٽو شهيد جو فلسفو هو ته مزدور ۽ هاري خوشحال هوندا ته پاڪستان خوشحال ٿيندو.
-
بينظير ڀٽو جو وحشياڻو قتل هڪ ناپاڪ سازش هئي: بلاول ڀٽو
ڪراچي رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اسلامي دنيا جي پهرين جمهوري طور چونڊيل خاتون وزيراعظم ۽ عالمي سطح جي ليڊر شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو نه رڳو هڪ تاريخي شخصيت پر هڪ زندهه تحريڪ ۽ روشني پڻ آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي حب الوطني، لازوال جدوجهد ۽ ثابت قدم قيادت پاڪستاني قوم جي دلين ۽ دماغن ۾ هميشه زنده رهندي. بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ڪيل پريس بيان موجب پ پ چيئرمين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي 16هين شهادت واري ڏينهن تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته منهنجي ماءُ ملڪ کي حقيقي فلاحي رياست بڻائڻ جي عظيم مقصد لاءِ پرعزم هئي. هن چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو سڄي زندگي پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ هم آهنگي جي زنجير بڻي. شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو وحشياڻو قتل هڪ ناپاڪ سازش هئي، جنهن ذريعي پاڪستان جي ترقي ۽ هڪ روشن خيال، اعتدال پسند ۽ جمهوري سماج جي قيام جي حڪمت عملي کي نشانو بڻايو ويو. شهيد محترمه بينظير ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت ۾ قوم کي بيلسٽڪ ميزائل ٽيڪنالاجي تحفي ۾ ڏئي ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪيو، هن ملڪ جي پورهيت طبقي، هارين، مزدورن، اقليتن، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن جي حقن جو به تحفظ ڪيو ۽ اڳتي وڌيو. هن ان عزم کي ورجايو ته سندس پارٽي پنهنجي شهيد قيادت جي فلسفي تي ثابت قدم رهندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي خواب کي حقيقت بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ته پاڪستان هڪ خوشحال، ترقي پسند، برابري تي ٻڌل ۽ مضبوط جمهوري وفاقي رياست جي حيثيت سان دنيا آڏو هڪ بهترين مثال بڻجندو.
-
پ پ جو چونڊ منشور تيار، شھيد بينظير جي ورسي تي اعلان جو امڪان
ڪراچي (رپورٽر ) پاڪستان پيپلز پارٽي جو چونڊ منشور تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو اعلان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو پاران اڄ 27 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي يا ڪراچي ۾ ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آھي تھ پاڪستان پيپلز پارٽي 8 فيبروري تي ٿيندڙ عام چونڊن لاءِ چونڊ منشور ماهرن جي صلاح تحت تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جو اعلان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي امڙ جي ورسي جي موقعي تي لاڙڪاڻي يا ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس وسيلي ڪندو. پارٽي ذريعن موجب پيپلز پارٽي جو منشور ڪتابي شڪل ۾ تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گذريل حڪومت جي ڪاميابين کي ان جو حصو بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ گهرن جي تعمير، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي توسيع جو منصوبو، يوٿ ڪارڊ، مزدور ۽ هاري ڪارڊ جي توسيع جھڙا پروگرام شامل ڪيا ويا آهن. غربت جو خاتمو، سوشل سيڪيورٽي، بجلي جي پيداوار، روزگار ۾ واڌ ۽ ڪاروباري صنعت لاءِ سبسڊي پيڪيجز کي به منشور جو حصو بڻايو ويو آهي. چونڊ منشور ۾ مهانگائي جو خاتمو، شهرين جي قوت خريد ۾ بهتري، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ نمايان واڌ، زرعي شعبي جي ترقي لاءِ منصوبا، هارين کي سستا ٻج ۽ ڀاڻ جي فراهمي ۽ بجلي تي سبسڊي پلان جهڙا نقطا به شامل آهن.