اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) پيپلز پارٽيءَ جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل صالح حيات جون (ن) ليگ سان ڳالهيون مڪمل ٿي ويون آهن، اڄ يا سڀاڻي باضابطا طور (ن) ليگ ۾ شمولت جو اعلان ڪندو. نامياري تجزئي نگار موجب فيصل صالح حيات جو شمار پيپلز پارٽي پارليامينيٽيرين جو بنياد وجهندڙن ۾ ٿيندو آهي. ذريعن موجب فيصل صلاح حيات جا معاملا ن ليگ سان طئه ٿي ويا آهن.
-
اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر لاڏاڻو ڪري ويو
اسلام آباد ( م ڊ ) اڳوڻو پرڏيهي سيڪريٽري رياض کوکر لاڏاڻو ڪري ويو. پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته رياض کوکر جي لاڏاڻي تي ڏک ٿيو آهي، رياض کوکر هميشه ترقي پسند پاڪستان جو حامي هو. هن چيو ته رياض کوکر پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري جي حيثيت سان خدمتون سرانجام ڏنيون، ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي سفارتي عهدن تي به ڏکين حالتن ۾ ڪم ڪيو. اڳوڻي وفاقي وزير شيري رحمان رياض کوکر جي خاندان ۽ دوستن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.