اسلام آباد ۾ بلوچن جو احتجاج جاري، حملو ڪري سائونڊ سسٽم کنيو ويو آهي

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ نيشنل پريس ڪلب ٻاهران بلوچ ايڪتا ڪميٽي پاران احتجاج جاري آهي. رابطا ڪميٽي جو چوڻ آهي ته رات جي وقت  اڻڄاتل هٿياربندن احتجاج ڪندڙن کي هراسان ڪرڻ لاءِ اچي سائونڊ سسٽم ۽ بينر اُڇلائي ڇڏيا. ٻئي طرف اسلام آباد پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته 290 مظاهرين کي ڳالهين واري ڪميٽي ۽ عدالتي حڪمن بعد آزاد ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اسلام آباد پوليس جي ان دعويٰ کي رد ڪندي چيو آهي ته 100 کان وڌيڪ مظاهرين اڃا تائين پوليس جي حراست ۾ آهن. : ماهه رنگ بلوچ چيو ته ڪجهه صحافين کان سواءِ اڪثر سرڪاري صحافي اچي تنگ ڪن ٿا. اسان سان ايڪتا لاءِ ايندڙ شاگردن لاءِ به اسلام آباد جي ڌرتي تنگ ڪئي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.