خان محمد ڏاھري، سيد زين شاھ، غلام مصطفي شاهه جا فارم بحال

نوابشاھ( ڊر) ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ چونڊ چھ چٽو تيز ٿي ويو اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن پاران نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ کانپوءِ ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ وارو عمل جاري آھي جنھن ۾ قومي تڪ اين اي 208 تي نامزدگي فارم جي بحالي لاءِ اميدوار ڊي آر  او آفيس نوابشاھ پھتا جتي جاچ پڙتال کانپوءِ سردار خان محمد ڏاھري، سيد زين شاھ، غلام مصطفي شاهه، فاروق چانڊيو، مسمات نجم جمال جا فارم بحال ڪيا ويا جڏھن ته نوابشاهه جي صوبائي تڪ پي ايس 37 تي نامزدگي فارم جمع ڪرائيندڙ جاويد اقبال آرائين، عنايت علي رند، محمد ابراهيم، محمد عارف، محمد عادل ۽ محمد نديم آر او آفيس پھتا جتي سندن نامزدگي فارم جي ڇنڊڇاڻ بعد فارم بحال ڪيا ويا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.