پ پ اقتدار خاطر 18ھين ترميم تان ھٿ کڻي سنڌ جا وسيلا وفاق کي ڏنا: اياز لطيف

حيدرآباد ( پ ر )  قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته ڌانڌلين ذريعي ڪرپٽ ۽ عوام دشمن ماڻھو اقتدار تي مڙهيا  ويا، اقتدار ۽ ڪرپشن جي حوس ۾ سنڌ جا وسيلا لٽيا ويا، اربين کربين روپين جي ڪرپشن ڪري سنڌ جي عوام کي ڪنگال ڪيو ويو آھي. ايندڙ چونڊ ۾ ڌانڌليون ٿيڻ نه ڏنيون وينديون. اياز لطيف پليجو چيو ته ڪارونجھر سنڌ جو تھذيبي ۽ ثقافتي ورثو آھي. پيپلز پارٽي سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن تي حملي آور ٿي. آصف زرداري ٽولو 15 سالن کان سنڌ تي قابض ٿي ھر شئي نيلام ڪئي. نگران حڪومت کي سنڌ جي وسيلن جي نيلامي جو ڪو اختيار ناھي. پيپلز پارٽي ٻيھر اقتدار لاءِ 18ھين ترميم تان ھٿ کڻي سنڌ جا وسيلا وفاق کي ڏنا. ڪڏھن ٻيٽن جو سودو، ڪڏھن بندرگاهن جو سودو، ڪراچي، ڪوھستان، ساحلي پٽي لينڊ مافيا حوالي ڪئي وئي. ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جو سربراھه اياز لطيف پليجو پي ايس 60 قاسم آباد جي ريٽرننگ آفيسر وٽ پيش ٿيو، جتي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ کانپوءِ ريٽرننگ آفيسر اياز لطيف پليجي جو نامزدگي فارم منظور ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.