سن ويجهو حادثي ۾ ٻارڙي سميت 4 ڄڻا فوت

سن/مانجهند(ن ع آ)مانجهند ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي روڊ تي ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ دادو  کان حيدرآباد  طرف عورتن ٻارن مردن سان ڀريل بولان  ڪيري ۽ ويڳو گاڏي وچ ۾  آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ڪيري ۾ سوار 5 عورتن 6 ٻارن سميت 15 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا ٻنهي گاڏين جي ٽڪر ٿيڻ سبب هڪ زوردار ڌماڪو ٿيو، جنهن جو آواز ٻڌي آسپاس جي هوٽلن دڪانن ۽ گهرن ۾ ويٺل مقامي ماڻهو نڪري آيا جن حادثي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروائين ۾ حصو وٺندي زخمين کي ايمبولينس ۽ خانگي گاڏين ۾ تعلقي اسپتال مانجهند پهچايو تعلقي اسپتال مانجهند جي ڪروڙين رپيا بجيٽ هجڻ جي باوجود به ايمرجنسي کي منهن ڏيڻ جون سهولتون نه هجڻ سبب هڪ 3 ورهين جي معصوم ٻارڙي مقدس ڌي بهار خان تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي اسپتال ۾ پهتل  زخمي حالت ۾ آندل 2 ڄڻا سيد حنيف شاهھ ۽ ڪيري ڊرائيور دادو واسي عاشق ملاح  گهربل علاج نه ٿيڻ سبب فوت ٿيا جن سان فوتين جو انگ 4 ٿي ويو سمورن زخمين کي  ڳڻتي جوڳي  حالت  حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آهي ويڳو ۾ سوار  مسافر محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ ڳڙهي خدابخش وڃي رهيا هئا جڏهن ته بولان ڪيري ۾ سوار مسافر شادي جي سلسلي ۾ دادو کان حيدرآباد ويا پئي ته حادثو پيش آيو، زخمين ۾ طالب پٽ عنايت شان پٽ طالب سندس ڀاءُ حاجي، خوشي ڌي رمضان، ستارا ڌي سڪندر، نعيمان ڌي طالب، سڪندر پٽ جانڻ چنا، عبدالغفار پٽ علي چنا، مسمات حسينا زال طالب، مسمات حنيفان زال جانڻ، گلزار پٽ سلطان، لطيفان، خالد پٽ جانڻ شامل هئا، مانجهند پوليس حادثي جو شڪار ٻنهي گاڏين کي پنهنجي تحويل وٺي ڇڏيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.