پ پ خلاف اناڙين جو اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي: مراد علي شاهه

ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آدم مينگل) سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي خلاف ماضي ۾ به ڪيترائي اتحاد ٺهيا، جيڪي ناڪام ٿيا، هن ڀيري اناڙين جو اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، بشيرميمڻ پوليس وارو آهي، کيس سياست جو ڪوبه تجربو ناهي. اڳوڻي وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه ڀان سيدآباد ويجهو ڳوٺ ڀنڀڻ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 8 فيبروري 2024ع تي جيڪي چونڊون ٿينديون،پراڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙينداسين، تمام گهڻيون سيٽون کڻنداسين، نواز شريف اچڻ ۾ دير ڪري ڇڏي، اسان ته ان کي 2 سال اڳ ئي چيو هو ته پاڪستان اچو پر هو نه آيو، مشڪل وقت ۾ نواز شريف واپس پاڪستان اچي ها ته بهتر هو، مراد علي شاهه چيو ته عمران خان سنڌ سان ناجائزيون ڪيون، پوري پاڪستان جو ديوالو ڪڍي ڇڏيو، سيد مراد علي شاهه چيو ته نواز شريف کي ڀليڪار ڪيون ٿا، ڀلي اليڪشن وڙهي، پر پاڪستان جي عوام ڄاڻي ٿي ته مشڪل وقت ۾ ڪير عوام سان گڏ هيو ۽ ڪير ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو، ان موقعي تي اڳوڻو ايم اين اي سڪندر علي راهپوٽو، ضلعي ڪائونسل ڄامشورو جو وائيس چيئرمين امان الله شاهاڻي، ٽائون چيئرمين محمد صديق ميمڻ، پيرشفيق احمد ويهڙائي، سيد حسنين شاهه، سميت ٻيا پڻ گڏ موجود هيا، ان کان اڳ سيد مرادعلي شاهه ڀان سيدآباد شهر ۾ ڊاڪٽر محمد سومر ميمڻ سان سندس سوٽ، پ پ اڳواڻ حاڪم علي بڪيرو سان سندس ڀاءُ، ممتاز ميمڻ سان سندس ڀاءُ ۽ پراڻي جيالي ڪامريڊ احمد خان ڀنڊ جي لاڏاڻي تي سندس پٽن سان تعزيت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.