ڪوئيٽا ۾ پوليس موبائل تي دستي بم حملو، 2 اهلڪارن سميت 5 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا ( م ڊ ) ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ۾ پوليس موبائل تي دستي بم حملي جي نتيجي ۾ ٻن اهلڪارن سميت 5 ڄڻا زخمي  ٿي پيا. پوليس موجب نوان ڪلي واري علائقي ۾ چوڪ وٽ گشت دوران اڻڄاتل جوابدارن پوليس موبائل وين تي دستي بم اڇلايو ۽ فرار ٿي ويا. بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ موبائل وين ۾ سوار 2 اهلڪار ۽ 3 مسافر زخمي ٿي پيا. واقعي بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي کڻائي سول اسپتال پهچايو ۽ علائقي کي ڪڙو چاڙهي جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي.

  • اسرائيلي فوج جا غزا تي هڪ ڏينهن ۾ 100 کان وڌيڪ حملا، 240 فلسطيني شهيد

غزا ( م ڊ ) اسرائيلي فوج گذريل 24 ڪلاڪن دوران غزا ۾ رهائشي علائقن تي 100 کان وڌيڪ حملا ڪيا آهن. ميڊيا رپورٽن موجب  اسرائيلي فوج جي حملن ۾ 240 کان وڌيڪ فلسطيني شهري شهيد ٿي چڪا آهن. رپورٽ موجب خان يونس ۾ بي گھر ٿيل فلسطينين جي پناهه گاهه فلسطيني هلال احمر جي هيڊ ڪوارٽر تي به بمباري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڪيترن ئي شهيدن جا اطلاع آهن. فلسطيني مزاحمت تنظيم جوابي ڪارروائيون ڪيون، اسرائيلي فوج وڌيڪ 2 فوجين جي مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي.

  • بلاول ڀٽو جا اين اي 194 تي نامزدگي ڪاغذ منظور

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جا قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 194 لاڙڪاڻو ون تي نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نامزدگي فارمن جي اسڪروٽني لاءِ جميل احمد سومرو، سهيل انور سيال ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن پنهنجي ليگل ٽيم سان گڏجي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ون لاڙڪاڻو / رٽرننگ آفيسر آصف رضا چانڊيو جي آفيس پهتا جتي اسڪروٽني بعد رٽرننگ آفيسر بلاول ڀٽو زرداري جا نامزدگي فارمن کي درست قرار ڏيندي منظور ڪري ورتا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي پي پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي پوليٽيڪل سيڪريٽري جميل احمد سومرو چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جا 194 تي نامزدگي فارم بحال ٿيا آهن جنهن تي ڪو به اعتراض نه هو، بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻي، قمبر شهدادڪوٽ ۽ لاهور جي تڪن تان چونڊ وڙهي رهيو آهي. هن چيو ته ملڪ جي 65 سيڪڙو آباد نوجوانن تي مشتمل آهي جيڪي نوجوان ليڊر بلاول ڀٽو زرداري کي چونڊيندا ۽ بلاول ڀٽو زرداري نوجوانن جي اڳواڻيءَ ڪندو، اسان 8 فيبروري تي پوري ملڪ ۾ فتح جو جشن ملهائينداسين.

  • ڪراچي جي سچل ٿاڻي حد ۾ڏوهن تي ضابطو نه آيو، صحافي کان ڦر

ڪراچي ( رپورٽ :حفيظ ڦلپوٽو ) ڪراچي جي سچل ٿاڻي جي حد ۾ ڏوھن تي ضابطو نه اچي سگھيو، پوليس جي نااهلي سبب  ڏوهاري آساني سان وارداتون ڪري رھيا آھن جڏهن ته پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ھوڏانھن گذريل رات موٽر سائيل تي سوار هٿياربند ڪراچي جي سينيئر صحافي شفقت نوناري کان موبائل فون ۽ پندرنھن ھزار روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. صحافي شفقت نوناري کان ڦر واقعي خلاف صحافين مختلف سياسي سماجي اڳواڻ ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سچل ڳوٺ روڊ تي احتجاجي مظاھرو ڪندي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي.ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ صحافين غوث ٻگھيو، علي محمد ڀٽو، شفقت نوناري، ساجد مغل سميت سياسي سماجي اڳواڻ ڪامريڊ شبير راڄپر، ھارون جمالي، مقصود سنجراڻي، رمضان گبول، عثمان ڪانڌڙو، وھاب سومرو، غلما دستگير ۽ ٻين چيو ته سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او اورنگزيب خٽڪ جي نااھلي سبب بدامني وڌي وئي آھي، پوليس ڏوھارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار نه آھي. احتجاج ڪندڙن چيو ته پوليس گشت ڪرڻ بدران ٿاڻي ۽ ھوٽلن تي ويٺل نظر اچي ٿي. هنن چيو ته سچل ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي پوليس کاتي جي اعليٰ عملدارن جو آشرواد حاصل آھي، جنهن سبب کائنس ڪو به پڇاڻو ڪرڻ وارو ناهي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته صحافي شفقت نوناري کان ٿيندڙ ڦر واري واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڦر ٿيل سامان واپس ڪرائي سچل پوليس کان پڇاڻو ڪيو وڃي.

  • ڪراچي ۾ گدلاڻ پکيڙيندڙ گاڏين خلاف مهم، ٽيمون مقرر

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي ڪراچي ۾ گدلاڻ پکيڙيندڙ گاڏين خلاف مهم شروع ڪري ڇڏي آهي. دونھون خارج ڪندڙ ۽ شور ڪندڙ گاڏيون ماحولياتي گدلاڻ ۾ واڌ جو بنيادي سبب آھن، ماحولياتي تحفظ واري اداري گدلاڻ روڪڻ ۽ عوام ۾ آگاھي پيدا ڪرڻ لاءِ مهم شروع ڪئي آهي. مهم تحت ڪراچي جي ٽن هنڌن تي جديد اوزارن ۽ اسموگ اينالائيزر جي مدد سان گاڏين مان خارج ٿيندڙ دونهين جي مقدار جي چڪاس ڪئي پئي وڃي، ڪي پي ٽي پل، صفوران ۽ قيوم آباد تي مقرر ٽيمن موقعي تي پبلڪ ۽ ڪمرشل ٽرانسپورٽ تي هلندڙ گاڏين جو معائنو ڪيو جڏهن ته گاڏين تي اسٽيڪر پڻ لڳايا ويا. ڪي پي ٽي پل تي گاڏين جو معائنو ڪندڙ انوائرمينٽل پروٽيڪشن ايجنسي جي انسپيڪٽر نعيم شيخ ٻڌايو ته گاڏين جي دونهين سان گڏ گاڏين جي هلڻ سان پيدا ٿيندڙ شور کي به ماپيو پيو وڃي، جيڪي گاڏيون دونهون گهڻو ۽ شور ڪري رهيون آهن انهن کي 15 ڏينهن جي مهلت ڏني آهي. انجڻ سان گڏ سائلنسر کي درست ڪيو وڃي، ڊرائيورن جي صحت بابت به ڊيٽا گڏ ڪئي پئي وڃي ڇو ته سموگ خارج ڪندڙ گاڏيون شهرين ۽ مسافرن ۽ پاڻ ڊرائيورن جي صحت لاءِ خطرو بڻيل آهن. پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ وارن ملڪن ۾ سرفهرست آهي جڏهن ته ڪراچي کي دنيا جي ٽن گدلاڻ وارن شهرن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

  • باري پتافي پاران نادر اڪمل لغاري تي اعتراض داخل 

گهوٽڪي( ع آ نيوز) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ باري پتافي ميرپور ماٿيلو جي صوبائي تڪ   پي ايس 19 تي آزاد اميدوار نادر اڪمل لغاري جي نااهلي لاءِ اعتراض داخل ڪرائي ڇڏيا. باري پتافي جي وڪيل پاران داخل ڪرايل اعتراض ۾ چيو ويو آهي ته نادر اڪمل لغاري آمريڪي شهريت رکي ٿو. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻٽي شهريت سبب کيس چونڊ وڙهڻ لاءِ نااهل قرار ڏنو وڃي. پي ايس 19 تي مقرر آر او پاران نادر اڪمل لغاري جي ٻٽي شهريت ڇڏڻ واري سرٽيفڪيٽ جي جاچ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،

  • ڪراچي گندگي ۽ ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي: وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر ٽرانسپورٽ کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته هو نمائش کان ريڊيو پاڪستان تائين گرين لائين ڪوريڊور جي تعمير لاءِ وفاقي حڪومت سان سهڪار ڪري. گرين لائن ڪوريڊور تي ڪم ڪندڙ ڪمپني جو ڪانٽريڪٽ رد ڪيو ويو آهي ۽ گرين لائن جي منصوبي کي ايم اي جناح روڊ تي پراڻي ريڊيو پاڪستان جي عمارت تائين وڌائڻ لاءِ ٻيهر ٽينڊر ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ شهري مسئلن جي جائزي لاءِ منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو . اجلاس ۾ مڪاني کاتن واري وزير مبين جماڻي، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، چيئرمين پي اينڊ ڊي شڪيل منڱڻيجو، سيڪريٽري ناڻو، سيڪريٽري بلديات، ڊي جي ڊولپمينٽ اٿارٽيز، ايم ڊي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ، سمورا ڊي سيز ۽ ٽائونن جي ميونسپل ڪمشنرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته سوڪ سينٽر هڪ منفرد ۽ خوبصورت عمارت آهي جنهن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي. وڏي وزير ڊائريڪٽر جنرل ڪي ڊي اي کي هدايت ڪئي ته شهر جي ٻاهرئين ۽ اندروني حالت کي بهتر بڻايو وڃي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سوڪ سينٽر ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت جا آفيسر ڀاڙو ادا نه ڪري رهيا آهن. ان تي وڏي وزير سيڪريٽري بلديات کي هدايت ڪئي ته هو سوڪ سينٽر ۾ موجود صوبائي حڪومتن جي آفيسن جا ڀاڙا ڪٽڻ شروع ڪن ۽ اتي ڪم ڪندڙ وفاقي حڪومت جي آفيسن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.  وڏي وزير سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي  جي ڊي جي کي هدايت ڪئي ته هو سمورن خطرناڪ عمارتن جو آڊٽ ڪري ۽ اهڙين عمارتن ۾ جاني نقصان کي روڪڻ لاءِ کنيل قدمن جي رپورٽ پيش ڪري. هن ڊائريڪٽر جنرل ايس بي سي اي کي پڻ هدايت ڪئي ته هو کيس غير قانوني اڏاوتن خلاف ڪيل ڪارروائي بابت رپورٽ پيش ڪري. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اڪثر ريڙھين روڊن تي حددخليون ڪري ڇڏيون آهن جنهن ڪري ٽريفڪ جام ٿي رهي آهي. وڏي وزير ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو گاڏين جي ڊرائيورن کي ريگيولر ڪن ته جيئن روڊن تي قبضي کانسواءِ سندن معاشي سرگرميون جاري رهي سگهن. وڏي وزير ڊي جي سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ کي چيو ته هو سندن ڪارڪردگيءَ مان مطمئن ناهي. وڏي وزير چيو ته هي خوبصورت شهر گندگي ۽ ڪچري جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي. ۽ وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت شهر جي صفائي تي اربين رپيا خرچ ڪري رهي آهي پر تنهن هوندي ڪوبه فرق نظر نه پيو اچي. وڏي وزير کين خبردار ڪيو ته هو پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪن.

  • ڪراچي پوليس جا مبينا مقابلا، 4 زخمين سميت 11 ڏوھاري کي گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي پوليس مختلف علائقن ۾ ڪاروائيون ڪندي 4 زخمين سميت 11 ڏوھارين کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. لانڍي واري علائقي شير پاءُ ڪالوني فيز 2 صديق اڪبر مسجد ڀرسان مقابلي ۾ ڦورو محمد جاويد ولد بھرام خان زخمي ٿي پيو. پوليس جوابدار جي قبضي مان پسٽل روڪ رقم  ۽ 125 موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي. نارٿ ناظم آباد جي مجاھد ڪالوني ۾ غريب آباد ريلوي ڦاٽڪ ڀرسان مقابلي ۾ 2 جوابدار قاسم ۽ زبير ولد عبدالباقي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري پسٽل ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو ويو. شاھ لطيف ٽائون پوليس موجب ملير ندي ڀرسان گلستان سوسائيٽي ڀرسان چئن جوابدارن کي روڪڻ جو اشارع ڪيو ته جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني، پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ زخمي ڏوهاري اڪبر عرف لوٽا شيدي سميت زاھد کي گرفتار ڪري پسٽل روڪ رقم ۽ 125 موٽرسائيڪل ھٿ ڪئي وئي، سر سيد ٿاڻي پوليس موجب ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪري منشيات وڪرو ڪندڙ ۽ پوليس کي گھربل 3 جوابدار ارشد عرف ڊاڪٽر ولد نواب خان، امان ولد انيس احمد ۽ مرزا زين ولد خالد بيگ کي گرفتار ڪري ورتو.

گرفتار جوابدارن جي قبضي مان منشيات ھٿ ڪئي وئي، گلستان جوھر پوليس مختلف علائقن ۾ ڪاروائيون ڪندي عبدالله  ولد محمد نبي، ڪامران ولد فضل خالق، شاھه زيب ولد ملڪ مھن ۽ شھباز ولد ملڪ مشير کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ ٻيو سامان ھٿ ڪيو.

 

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.