جيجي درشهوار جي نقش قدم تي هلي عورتن کي متحد ڪري سگهجي ٿو: ايس يو پي

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي) منظورآباد ۾ ايس يو پي ليڊيز ونگ جو مرڪزي ڪنوينشن مرڪزي صدر سيد زين شاه جي صدارت هيٺ ٿي گذريو ڪنوينشن ۾ جيجي درشھوار سيد جي ورسي پڻ ملهائي وئي ڪنوينشن ۾  سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان وڏي تعداد ۾ عورت وفدن شرڪت ڪئي ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سيد زين شاه چيو ت سنڌ تي ھميشھ ٻاهران حملا ٿيندا رهيا آھن انهن ۾َ ٻن قسمن جا ماڻھون سامهون آيا پهريان جن پنهنجي وطن جي مالڪي ڪري ميدان ۾ لهي ڌارين کي ڀڄايو سائين جي ايم سيد وطن خاطر 32 سالن کان وڌيڪ ڪاٽيو ٻين وري سر خان نواب سردار جا لقب وٺي ڌارين جي دلالي ڪئي ڪوهستاني سردار سميت ٻين عوام بدران حڪمرانن لاءِ  ڪم ڪيو  زين شاهه وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عظيم نياڻي جيجي درشھوار سيد جي اڄ ورسي آھي جيجي  ايماندار ۽ وطن دوست ڪردار ادا ڪيو لطيف جي پيغام کي عام ڪيو جيجي بند ماحول ۾  ڪراچي ۽ ملڪ کان ٻاهر تعليم پرائي اهم مثال قائم ڪيو جنهن ۾ سندس والد سائين جي ايم سيد سندس رهنمائي ڪئي  هن وقت ڪيتريون ئي عورتون سياست ۾ آھن ڪيتريون ئي ايم پي اي ۽ ايم اين اي به رهنديون اچن پر هنن پنهنجي سياست محل ٺاهڻ لاءِ ڪئي مردن وانگر عورتن جا به الڳ الڳ ڪردار آھن ياسمين ٿيٻو خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد جي نياڻي جيجي درشھوار سيد عورتن جي حقن لاء تاريخي جدجهد ڪئي کيس خراج پيش ڪيون ٿا سندس نقش قدم تي هلندي سنڌ جي عورتن کي متحده ڪري وطن لاءِ  جدجهد جاري رکبي  ان موقعي تي چونڊن ۾ مرڪزي صدر مئڊم ياسمين ٿيٻو نائب صدر حميرا آريسر جنرل سيڪريٽري ائڊوڪيٽ آثما شاه انفارميشن سيڪريٽري پره محسن ملاح فنانس سيڪريٽري نازيه سولنگي چونڊجي ويو چونڊيل عورت اڳواڻن کان سيد زين شاه عهدن جو حلف ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.