چاهت فتح علي خان چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا

لاهور (م ڊ ) پاڻ کي ڪروڙين دلين جي جان قرار ڏيندڙ چاهت فتح علي خان 2024ع جي عام چونڊن لاءِ نامزدگي ڪاغذ به جمع ڪرائي ڇڏيا  آهن. لاهور جي تڪ اين اي 128 تان چاهت فتح علي خان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. چاهت فتح علي خان پنهنجي اصل نالي ڪاشف راڻا سان ڪاغذ جمع ڪرايا. چاهت فتح علي خان جو چوڻ آهي ته آزاد اميدوار طور اليڪشن وڙهي رهيو آهيان. سندس چوڻ آهي ته مان خوشيون ورهائڻ آيو آهيان، هاڻي منهنجي دل چاهي ٿي ته مان عوام ۾ رهي وڌيڪ خوشيون ورهايان.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.