مسيحي برادري جي ڪوٽا ۾ 5 کان 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي: ڪامران ٽسوري

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سينٽ اينڊريوز چرچ ۽ هولي ٽرينٽي ڪيٿڊرل جو دورو ڪيو. گورنر سنڌ ڪرسمس جو  ڪيڪ پڻ ڪاٽيو. سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان ۽ سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته وفاقي حڪومت کي خط لکي رهيو آهيان ته مسيحي برادري جي مخصوص ڪوٽا سسٽم ۾ 5 کان 10 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، ڪرسمس جو مقصد دنيا ۾ امن ۽ خوشحالي جو پيغام عام ڪرڻ آهي. حضرت عيسيٰ عليه السلام کي امن، ڀائيچاري ۽ احترام جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. حضرت عيسيٰ عليه السلام رواداري، محبت ۽ همدردي جي تبليغ ڪري انسانيت کي شفا ڏني. سنڌ جي گورنر چيو ته پاڪستان ۾ لکين مسيحي پنهنجو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان جون ٻيون سڀ مذهبي برادريون پنهنجي مسيحي ڀائرن سان ڪرسمس جي خوشين ۾ گڏ آھن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.