ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته حضرت عيسيٰ عليه السلام جي ولادت باسعادت پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 148 هون جنم ڏينهن جي موقعي تي سنڌ سميت سڄي دنيا جي انسانن کي لک لک واڌايون هجن. ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ قائداعظم جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جي موقعي تي منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي نگران وڏي وزير چيو ته ڪنهن به مذهب سان لاڙو رکندڙ زندا قومون هميشه پنهنجي پيارن کي ياد ڪنديون آهن. اسان سڀ اڄ قائداعظم جي بي لوث، اڻٿڪ محنت ۽ ڏينهن رات محنت کي خراج عقيدت پيش ڪري رهيا آهيون. وڏي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح جي مهربانيءَ سان اڄ اسان آزاد رياست ۾ ساهه کڻي رهيا آهيون. نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته سنڌ جي سامونڊي پٽي کان وٺي وڏن پهاڙن تائين پکڙيل سرزمين ۾ قسمين قسمين تهذيب ۽ ثقافت نظر اچي ٿي، نگران وڏي وزير چيو ته قائداعظم 13 نومبر 1939ع تي عيد جي موقعي تي نصيحت ڪئي هئي ته ”آئون توهان کي گذارش ٿو ڪريان ته ڪم ڪندا رهو رڳو ڪم ۾ رڌل رهو، امن جي خاطر، صبر ۽ استقامت ۽ عاجزي سان پنهنجي قوم جي خدمت ڪندا رهو. تقريب ۾ صوبائي وزيرن محمد احمد شاهه، جنيد شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ڊاڪٽر محمد ايوب شيخ ۽ ٻين اهم شخصيتن ۽ ٻين وڏي انگ شرڪت ڪئي.